لاهور – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا سان ڏهاڙي فوتگيون 50 کان وڌي ويون آهن، هڪ قوم جي حيثيت ۾ احتياط نه ڪيو ويو ته ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي سان گڏوگڏ معيشت به متاثر ٿيندي، سماجي فاصلن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪري ئي ڪورونا کي شڪست ڏ??ي سگهجي ٿي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن رمضان الم??ار?? ۾ مسجدون بند نه ڪيون، عوام ۽ عالم سڳورن جهڙي طرح اڳ ۾ ڪورونا وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت سان پورو تعاون ڪيو، اڄ ٻيهر ان تعاون جي ضرورت آهي، ڪورونا کان بچائيندي بچائيندي ماڻهن کي بک سان نه ٿا ماري سگهون، ان لاءِ ڪاروبار ۽ فيڪٽريون بند نه ڪنداسين، ڪورونا وبا دوران جلسن جلوسن جي اجازت نه ٿي ڏ??ي سگهجي، مخالف ڌي جيترا مرضي جلسا ڪري اين آر او نه ملندو، معاشي لحاظ کان پاڪسدتان صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، فيصل آباد ۾ فيڪٽريون تيزي سان هليون ۽ مزدورون جي کوٽ درپيش آهي، قرضن جي قسطن جي ادائيگي جي ڪري معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، قسطون نه ادا ڪرڻيون پون ته اسان جي آمدني ??رچن کان وڌيڪ آهي، اوورسيز پاڪستاني ??سان جو قيمتي اثاثو آهن، پنجاب ۾ قبضا گروپ جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، شگر مافيا ڳٺ جوڙ سان کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو، راوي ريور منصوبي تحت 60 لک وڻ لڳايا ويندا، ڪامياب پرڏيهي پاليسي سان دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت اميج اڀريو آهي، اسان ڪشمير جي معاملي ۾ ڀارت کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو، ڊو مور جو مطالبو ڪندڙ آمريڪا اڄ اسان کي ساراهي رهيو آهي، ترڪي، ايران، افغانستان، سعودي عرب ۽ يو اي اي سان تمام سٺا لاڳاپا آهن، جيستائين اسرائيل فلسطين کي آزادي نه ٿو ڏي ان وقت تائين اسرائيل کي تس??يم نه ٿو ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
ڪورونا سان ڏهاڙي فوتگيون 50 کان وڌي ويون آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا