گڏيل قومون-15 نومبر (اي پي پي) پاڪس??ان گڏيل قومن کي ٻڌا??و آهي ته غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) کي بند ڪرڻ لاءِ اسرائيلي قانونسازي لکين فلسطينين کي افراتفري ۾ ڌڪي ڇڏيندي، عالمي بر??دري کان مطالبو ڪ??و آهي ته هو غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اهم لائف لائن يو اين آر ڊبليو اي جي ڀرپور حمايت ڪري. گڏيل قومن ۾ پاڪس??ان مشن ۾ فرسٽ سيڪريٽري انصر شاهه گذريل ڏينهن جنرل اسيمبلي جي پوليٽيڪل اينڊ ڊي ڪالونائيزيشن بابت چوٿين ڪميٽي ۾ بحث دوران چيو ته اسرائيل طرفان يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي امدادي سرگرمين کان روڪڻ گهرجي ۽ اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن ته يو اين آر ڊبليو اي فعال رهي ۽ پنهنجي مينڊيٽ موجب انساني همدردي جي ڪمن کي سرانجام ڏ??. پ??ڪستاني نمائيندي انصر شاهه چيو ته عالمي بر??دري کي فلسطيني عوام جي ??مي?? ۽ وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ انصاف، انساني حقن، بين الاقوامي قانون جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪس??ان يو اين آر ڊبليو اي جي امدادي ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جي مذمت ڪئ??. پ??ڪستاني نمائندي لکين فلسطينين لاءِ سنگين خدشن کي اجاگر ڪيو ته اسرائيلي قدمن سان ضروري عوامي خدمتن جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ سماجي مدد ختم ٿي وينديون جن تي سندن زندگي جو دارومدار آهي. هن چيو ته غزه جي سموري آبادي کي خدشو آهي ته ان جي واحد لائف لائين ختم ڪئي ويندي. ميمبر ملڪن جي مداخلت کانسواءِ يو اين آر ڊبليو اي بند ٿي ويندو جنهن سان لکين فلسطيني افراتفري ۾ هليا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام جي پڪار جو جواب ڏيڻو پوندو. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عالمي بر??دري چارٽر ۽ عالمي قانونن جي پاسداري لاءِ ٺوس قدم نه کنيا ته گڏيل قومن جي چارٽر جي بنياد تي ٺاهيل عالمي نظام تباهه ٿي سگهي ٿو. هن فلسطينن لاءِ پاڪس??ان جي مستقل حمايت ۽ ان جي خود اراديت واري حق جو ورجاءُ ڪندي چيوته عالمي بر??دري کي فلسطيني بر??دري جي ??مي?? ۽ وقار جي بحالي لاءِ انصاف، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي.
اسرائيل کي يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي امدادي سرگرمين تي پابندي کان روڪڻ گهرجي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II