نئين دهلي – 02 آگسٽ (اي پي پي) انساني حقن جي ناميارن ڀارتي اڳواڻن، ججن، ليکڪن ڀارتي صدر م??دي سرڪار کي هڪ خط اماڻيو آهي جنهن ۾ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي ترت بند ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. ڪشمير م??ڊيا سرو?? موجب هنن بچ??ءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي نالي خط ۾ لکيو آهي ته ڀارت کي گهرجي ته هو اسرائيل کي فوجي سامان جي فراهمي ۾ پنهنجو سهڪار فوري طور معطل ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائڻ لاءِ هر م??ڪن ڪوشش ڪري ته اسرائيل کي پهرين کان فراهم ڪيل ??ٿيار نسل ڪشي يا عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙين لاءِ استعمال نه ٿين. خط لکندڙن ۾ سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ جا اڳوڻا جج، معاشي ماهر، انساني حقن جا اڳواڻ ۽ ليکڪ شامل آهن. جن ۾ ڀارتي مشهور ليکڪه ۽ مودي سرڪار تي سخت تنقيد ڪندڙ ارون ڌتي راءِ به شامل آهي. هنن خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته بچ??ءَ واري وزار?? ڀارتي ڪمپنين طرفان اسرائيل کي فوجي هٿيارن ۽ گولابارود جي سپلائي جي سمورن موجوده لائسنسز جو جائزو وٺي ۽ اهي رد ڪري.
ڀارت اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪري: مودي کي خط
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں