رياض-24 مئي (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان س??ن فلسطين جي وزيراعظم ڊاڪٽر محمد مصطفيٰ ٽيليفون تي رابطو ڪري غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي عملدارن غزه پٽي ۽ اولهه ڪناري جي صورتحال تي ڳالهين سميت پسگردائي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڳالهين دوران فلسطين مسئلي جي حل لاءَ ڪيل ڪوششون پڻ غور هيٺ آي??ن ،ڳالهين جو مقصد فوري جنگ بندي ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ ٺوس ۽ مست??ل بنيادن تي امدادي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ پڻ هو.
مضمون کا ماخذ : بونانزا