مڪه مڪرمه – 09 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عم??ي واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو آهي ته گذريل سال سهولتن ۾ اضافي سبب عم??ي زائرين جو انگ لڳ ڀڳ 50 لک (58 سيڪڙو) جي رڪارڊ اضافي سان هڪ ڪروڙ 35 لک 50 هزار تائين پهچي ويو آهي جيڪو هاڻي تائين سڀ کان و??يڪ آهي. اردو نيوز مطابق اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن حج ۽ عم??ه ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 2019ع ۾ پرڏيهي ملڪن مان 85 لک 50 هزار عم??ي زائرين آيا هئا، مڪه روٽ پراجيڪٽ سان هاڻي تائين 8 ملڪن مان 6 لک 17 هزار فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. هن چيو ته ??مري زائرين جي آمد کي آسان بڻائڻ لاءِ اي ويزا جي سهولت ڏني وئي آ??ي، ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پارٽنرز سان گڏجي سڌي ريت اڏامن ۾ اضافو ڪيو ويو آ??ي، پهرين 164 ايئرپورٽس کان اڏامون اينديون هونديون هاڻي ان جو انگ 32 سيڪڙو اضافي سان 216 ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته ??عودي عرب پنهنجي تاريخي هنڌن کي جديد رخن تي هموار ڪري رهيو آ??ي، هاڻي تائين 10 نئين تاريخي هنڌن تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آ??ي، 8 اهڙا هنڌ تيار ڪيا ويا آهن جنهن سان زائرين جي معلومات ۾ اضافو ٿيندو، 12 تاريخي هنڌن تي جديد رخن کي هموار ڪرڻ جو ڪم جاري آ??ي، سعودي حج وزير ٻڌايو ته ??ج 2024ع دوران 35 کان و??يڪ ڪمپنيون زائرين کي خدمتون فراهم ڪنديون. هن چيو ته ??ن سال مديني شريف ۾ به عم??ه ڪانفرنس ۽ نمائش جو اهتمام ??يو ويو آهي جنهن ۾ 80 کان و??يڪ ملڪن جي وزيرن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي. سمورن شرڪت ڪندڙ سان حج انتظامن جي حوالي سان معاهدا ڪيا ويا آهن.
سهولتن ۾ اضافي سان گذريل سال عمري زائرين جي انگ ۾ 50 لک جو اضافي سان انگ هڪ ڪروڙ 35 لک تائين پهچي ويو: سعودي حج ۽ عمري واري وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں