اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ملڪ مان انس??ني اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، هڪ هفتي جي اندر انس??ني اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو وڃي ۽ انهن جي خلاف ق??نوين ڪارروائي ڪئي وڃي، گهرو وزير جي سربراهي ۾ انس??ني اسمگلنگ جي خاتمي جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انس??ني اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊسمبر 2024ع ۾ يونان ويجهو ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي ٻيڙيءَ کي پيش ايندڙ حادثي جي ڏس ۾ مشتاق سکيرا جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم جامع رپورٽ جوڙڻ تي مشتاق سکيرا جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته هڪ هفتي جي اندر انس??ني اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو وڃي ۽ انهن جي خلاف ق??نوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم انس??ني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف پراسيڪوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته انس??ني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف هيستائين ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻاهرئين ملڪ ويندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ ويزا جي ڇنڊڇاڻ ۽ ٻين قاعدن ۽ ضابطن ک?? موثر بڻايو وڃي، پاڪستان حڪومت ملڪ مان انس??ني اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم گهرو وزير جي سربراهي ۾ انس??ني اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ انس??ني اسمگلنگ جي خلاف کنيل قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڊسمبر 2024ع تي يونان ويجهو ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي ٻيڙيءَ کي پيش ايندڙ حادثي ۾ پاڪستانين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي لاشن جي وطن واپسي جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.
حڪومت ملڪ مان انساني اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، هڪ هفتي جي اندر انساني اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2