اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آءِ) جي تازي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چ??و آهي ته اها رپورٽ عالمي سطح تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ مثبت پيغام ۽ ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته ??اڪ??تان سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پراميد ۽ قابل اعتماد منزل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن جو ??اڪ??تان تي اعتماد وڌيو آهي، ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ ماحول ۾ بهتري آئي ۽ ??اڪ??تان بابت عالمي سوچ من??ي 10 سيڪڙو مان نڪري 31 سيڪڙو مثبت تي اچي وئي آهي جيڪا انتهائي خوش آئنده آهي. رپورٽ موجب ??اڪ??تان ۾ روزگار جا موقعا وڌيا آهن، ??اڪ??تان جي مينوفيچرنگ سيڪٽر جي گروٿ 2 سيڪڙو مان 6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي جڏهن ته سروسز سيڪٽر جي گروٿ 7 سيڪڙو مان وڌي 30 سيڪڙو تي اچي وئي آهي جيڪا هڪ نمايان ڪاميابي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيمنٽ، آٽو سيڪٽر، فرٽيلائيزرز ۽ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو آهي. وزيراعظم رپورٽ جي نتيجن کي عالمي سطح تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ مثبت پيغام قرار ڏيندي چ??و ته رپورٽ ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته ??اڪ??تان سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پراميد ۽ قابل اعتماد منزل آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران غيرملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ روانگي واپار ۽ رڪارڊ مٽاسٽا جي ناڻي جي ڪري ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم عوام کي ريليف جي فراهمي کي حڪومت جي ترجيح قرار ڏيندي چ??و ته حڪومت جي بهتر معاشي پاليسين ۽ معاشي ٽيم جي محنت جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويا آهن.
وزيراعظم پاران او آءِ سي سي آءِ جي تازي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن