لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ورڪنگ وومن
جي ??لڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو
ته پاڪستان ۾ عورتن کي ??لڪ جي ترقي ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ ڪردار ادا
ڪرڻ لاءِ برابري جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي
ميڊيا ونگ مان جاري بي??ن موجب ورڪنگ وومن جي قومي ڏينهن جي موقعي
تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ورڪنگ وومن جي قومي ڏينهن تي اسان
پنهنجي معاشري جي تعمير ۽ ??لڪ جي معاشي ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان
جي عورتن جي اهم ڪردار ۽ حصيداري کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
عورتون اسان جي آبادي جو اڌ کان وڌيڪ حصو آهن، اسان جي ??لڪ جي
مستقبل جي جوڙجڪ ۾ عورتون مک ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. جيئن ته
اسان جي قوم جي باني قائداعظم محمد علي جناح صحيح فرمايو هو ته ڪا به
قوم ان وقت تائين عظمت جي بلندين تي نٿي پ??چي سگهي جيستائين اوهان جون
عورتون اوهان سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ مل??ئي نٿيون هلن. اڄ اسان هن عزم کي
ورجايون ٿا ته پاڪستان ۾ عورتن کي ??لڪ جي ترقي ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽
ڪردار ادا ڪرڻ جا برابر جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته
عورتون تعليم ۽ صحت جي سارسنڀال کان وٺي ڪاروبار ۽ عوامي خدمتن تائين
مختلف شعبن ۾ قائداڻي عهدن تي نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن.
عورتن جون خدمتون پيشيوراڻي ميدان کانسواءِ خاندانن جي پرورش ۽ ايندڙ نسلن
کي پرگهور جي حوالي سان به اڳيان آهن. وزيراعظم چيو ته عورتن جي اهم
ڪردار کي تسليم ڪندي حڪومت ڪم ڪندڙ عورتن جي مدد لاءِ ڪيتر??ئي قدم
کنيا آهن، جنهن ۾ عورتن ۾ ڪاروباري صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ نوجوانن کي بنا
وياج قرضن جي فراهمي، عورتن جي تعليم ۽ راندين جي ترقي لاءِ انڊومنٽ فنڊ
جو قيام شامل آهن، عورتن کي ٻٽي ذميوارين ۾ انهن کي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ
ادارن ۾ ڊي ڪيئر مرڪزن جو قيام به هر اداري لاءِ لازم قرار ڏنو ويو آهي.
وزيراعظم چيو ته اسان عورتن جي مهارت ۽ قابليت کي وڌائڻ لاءِ خصوصي
تربيتي پروگرام به شروع ڪيا آهن ته جيئن انهن کي بااختيار بڻ??ئي سگهجي ۽
هو سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ اعليٰ عهدن تائين پ??چي سگهن. وزيراعظم
چيو ته اسان جي حڪومت هڪ اهڙي مستقبل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي جتي
عورتن لاءِ اعليٰ عهدن تائين پهچڻ معمول هجي. وزيراعظم چيو ته اچو اسان
ڪندڙ عورتن کي درپيش چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۽ عورتن لاءِ ڪم جو اهڙو
ماحول فراهم ڪرڻ جو وچن ڪريون جتي اهي ترقي ڪري سگهن. انهن جي
صلاحيتن کي ڪتب آڻي اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻ??ئي سگهون ٿا ته عورتون
پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون رهنديون. ا
پاڪستان ۾ عورتن کي ملڪ جي ترقي ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ برابري جا موقعا فراهم ڪيا ويندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج