اسلام آباد- 22 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن ا??با?? بلوچستان ۾ 400 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي رستن جي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ عملدارن کي هدايت ڏني ته اهي منصوبا ٽن سالن اندر مڪمل ڪيا وڃن، اهي منصوبا علائقي جي ترقي ۽ رابطي کي هٿي ڏيڻ لا??ِ اهم آهن. وفاقي وزير منصوبن جي وقت سر پورو ٿيڻ تي زور ڀريو ته جيئن عوام کي جلد کان جلد انهن جا فائدا حاصل ٿين ۽ علائقي جي اقتصادي ترقي ۾ اضافو ٿئي. گذريل ڏينهن وفاقي وزير احسن ا??با?? پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) 25 -2024ع جي منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ رٿابندي واري وزاررت جي اعليٰ عملدارن سڄي ملڪ ۾ جاري پي ايس ڊي پي منصوبن تي رکيل فنڊن، انهن کي جاري ڪرڻ ۽ هن وقت تائين ڪيل خرچن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي رٿابندي واري وزارت جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته پي ايس ڊي پي تحت جاري سمورن منصوبن جي وقت سر پورو ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ لا??ِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وفاقي وزير احسن ا??با?? بلوچستان ۾ 400 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي رستن جي منصوبن جو جائزو وٺندي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي منصوبا ٽن سالن اندر مڪمل ڪيا وڃن. هن چيو ته وفاقي حڪومت، بلوچستان جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي. بلوچستان جي انهن منصوبن ۾ 224 ارب روپين جي ماليت جي اي?? 25- ڪي خضدار – ڪچلاڪ روڊ کي ٻن لا??ين وارو ڪرڻ، ڪراچي – ڪوئيٽا – چمن روڊ جون ٻه لا??ينون ۽ بحالي ۽ ڪرارو روڊ ۽ ڪچلاڪ – چمن روڊ جي ٻن لا??ن جي تعمير جي منصوبن، 96 ارب روپين جي ماليت جي حوشاب – آواران- خضدار سيڪشن ٽو جي تعمير، حوشاب – آواران ڪيوزر سيڪشن ون جي تعمير، گوادر – رتوديرو روڊ جي تعمير ۽ وانگو پهاڙي سرنگهه جي تعمير، جڏهن ته 76 ارب روپين جي ماليت جو يارڪ کان ساگوزوب روڊ ۽ 7 روپين جي ماليت جو آواران کان جهل جهاور روڊ جا منصوبا شامل آهن. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته رٿابندي واري وزارت ٻين وزارتن کان ترقياتي بجيٽ تحت وقت سر خرچن کي يقيني بڻائي. هن وڌيڪ چيو ته اي??دڙ ٽه ماهي لا??ِ وزارتن جي مالي ضرورتن جي حوالي سان وقت سر آگاهي حاصل ڪري جنهن ۾ پرڏيهي امداد سان جاري منصوبن جي تفصيلن کي اهميت ڏني وڃي ته جيئن فنڊن جي فراهمي ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي. احسن ا??با?? چيو ته اهڙا منصوبا جن تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي فنڊ فراهم ڪري مڪمل ڪيو وڃي، هن هدايت ڪئي ته پرڏيهي امداد سان هلندڙ منصوبا جلد مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن اي??دڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي نون منصوبن کي شامل ڪرڻ جي گنجائش پيدا ٿ??ي. هن چيو ته اي??دڙ مالي سال جو پي ايس ڊي پي فائيو ايز ۽ پنج سالن جي منصوبابندي جي هدفن سان ڳ??ڍُڻو پوندو. انهن منصوبن کي ترجيحي ڏني وڃي جيڪي ان هدف تي پورو لهندا، وفاقي وزير چيو ته پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبا نه رڳو ملڪي ترقي لا??ِ اهم آهن پر عوامي فلاح ۽ بهبود لا??ِ به ضروري آهن، تنهن ڪري انهن جي وقت سر تڪميل کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي انهن منصوبن مان وقت سر فائدو حاصل ٿئي.
احسن اقبال جي صدارت ۾ اجلاس، رستن جي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب