اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آ??ي، ته دنيا جي 90 سيڪڙو واپار شپنگ ان??سٽ??ي ذريعي ٿيندو آ??ي، ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ن??ين شپنگ پاليسي آڻي رهيا آهيون. انهن خيالن جو اظهار و??اقي وزير، هانگ ڪانگ ۾ انٽرنيشنل چيمبر آف شپنگ جي انتظام هيٺ گلوبل ميري ٽائيم ٽريڊ سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير انٽرنيشنل چيمبر آف شپنگ جي چيئرمين ايمينوئل گريملدي ۽ هانگ ڪانگ جي ٽرانس??ور?? اينڊ شپنگ ڊپارٽمينٽ پاران سمٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي ٿورو مڃيو. وفاقي وزير ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا جو 90 سيڪڙو واپار جو دارومدار شپنگ ان??سٽ??ي تي آهي. پاڪستان جي بندرگاهن کي اسان ڪافي حد تائين بهتر ڪيو آهي. ان ئي بهتري سبب ميرسڪ لائين، ميڊيٽرينين شپنگ ڪمپني، هجي سن ۽ ابوظهبي ??ور??س ڪمپني پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر ۽ شپنگ ان??سٽ??ي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون آهن. وفاقي وزير ٻين عالمي شپنگ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. اسان جي جاگرافيائي بيهڪ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، ان ذريعي چين، وچ ايشيائي ملڪن ۽ وچ اوڀر ۾ آسانيءَ سان واپاري سامان پهچائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ??ور?? قاسم ۽ گوادر جي اونهين بندرگاهن ۾ هينڊلنگ جي ڪافي گنجائش موجود آهي پر، چر پر ان جي اڌ کان به گهٽ آ??ي، جڏهن ته پاڪستان جي ويجهو دبئي، جبل علي ۽ سلاله ??ور??س ڪافي مصروف آهن. وفاقي وزير چيو ته گوادر ??ور?? تي تيزي سان ڪم جاري آ??ي، اميد اهي ته جلد مڪمل طور آپريشنل ٿي ويندو. تازو ئي وفاقي ڪابينه هدايت ڪئي آهي ته 50 سيڪڙو واپار ان بندرگاهه ذريعي ڪيو ويندو. هي بندرگاهه واپار لاءِ چين، روس، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ملڪن لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. هن خطاب ڪندي چيو ته اسان عالمي سامونڊي تنظيم جي معيار مطابق پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر کي ماحول دوست بڻائي رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي جڏهن ته اسان موسمياتي تبديلي سبب وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهيون. ان باوجود اسان جي ڪوشش آهي ته ڪاربن کان پاڪ جهازن ڏانهن منتقل ڪري ڊي ڪاربنائيزيشن پاليسي تي عمل ڪيون. هن چيو ته تازو ئي پاڪستان هانگ ڪانگ ڪنوينشن تي به صحيحي ڪئي آ??ي، اسان ??ور?? ڪوشش ڪنداسين ته ان معاهدي تحت شپنگ ان??سٽ??ي کي گرين انرجي تي منتقل ڪيون ته جيئن گدلاڻ گهٽ کان گهٽ هجي. هن اهو به ورجاءُ ڪيو ته هلندڙ سال يا ايندڙ سال جي شروع ۾ نئين ميري ٽائيم پاليسي آڻي رهيا آهيون. ان پاليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪنداسين.
شپنگ انڊسٽري لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ نئين پاليسي آڻي رهيا آهيون: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج