اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان جمهوريه تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف توير ۽ اسلامي جمهوريه اي??ان جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم ڌار ڌار ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي دفاعي، اقتصادي ۽ ا??وي اي??ن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع واري وزير سمورن حل طلب علائقائي مسئلن جي پرامن حل لاءِ پ??ڪس??ان جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ ا??تصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تاجڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. تاجڪ سفير ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ موجود ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ان کانسوا??ِ هن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ پ??ڪس??ان سان تعاون لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جي خاطري ڪرائي. اسلامي جمهوريه اي??ان جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي، دفاع واري وزير ان حقيقت تي زور ڀريو ته پ??ڪس??ان ۽ اي??ان وچ ۾ صديون پراڻا مذهبي ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. گڏيل سرحدي ڪميشن ??ي اهميت کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته پ??ڪس??ان بارڊر مينيجمينٽ جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کنيا آهن ۽ ا?? معاملي تي گڏيل ڪوششون جاري رهڻ گهرجن. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان تاجڪستان ۽ ايران جي سفيرن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات