اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ??حت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايم پاڪس جي ڪيسز جي ??والي سان صورتحال تسلي بخش آهي، سمورن هوائي اڏن ۽ گذرگاهن تي اسڪريننگ ۽ نگراني جو موثر نظام موجود آهي، پمز اسپتال ۾ آئيسوليشن وارڊ مختص ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار ه?? اسلام آباد عالمي هوائي اڏي جي ??وري جي موقعي تي ڪيو. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق مختار احمد ڀرٿ ايم پاڪس جي ??نتظامن جي نگراني هو پاڻ ڪري رهيو آهي. هن گذريل ڏينه?? اسلام آباد ايئرپورٽ تي منڪي پاڪس جي نگراني جو جائزو ورتو. ايئرپورٽ تي بارڊر هيلٿ سروسز جي ??ملي ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو ته سمورن هوائي اڏن ۽ گذر گاهن تي اسڪريننگ ۽ نگراني جو موثر نظام موجود آهي. انٽرنيشنل هي??ٿ ريگوليشنز جي ??فارشن تي عمل کي ??قيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ايم پاڪس جي ??ورتحال تسلي جوڳي آهي، اڳواٽ قدمن جي ڀرپور نگراني ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ پمز اسپتال ۾ آئيسوليشن وارڊ مختص ڪيو ويو آهي. صحت واري وزارت صورتحال تي گهري نظر رکي آهي. وفاق ۽ صوبا گڏجي ??مورن ضروري قدمن کي ??قيني بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته وبائن ۽ بيمارين کان عوام کي ??حفوظ رکڻ جو پختو عزم ڪيو آهي.
ايم پاڪس جي حوالي سان هوائي اڏن ۽ گذرگاهن تي اسڪريننگ ۽ نگراني جو موثر نظام موجود آهي: ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری