اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ قيمتي پٿرن جي صنعت جي ترقي ۽ ان جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته قيمتي پٿرن جي روايتي طريقي سان کاڻين جي کوٽائي سان اهو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت گلگت ب??تس????ن ۾ قيمتي پٿرن جي کاڻين جي کوٽائي، تراش خراش ۽ ويليو ايڊيشن جي صنعت جو عالمي معيار سان هم آهنگ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪندي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قيمتي پٿرن جي صنعت جي ترقي ۽ ان شعبي جي سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ و??اقي وزيرن ڄام ڪمال خان، خالد مقبول صديقي، احد خان چيما، محمد اور??گز??ب، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، گلگت ب??تس??ان، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ قيمتي پٿرن جي صلاحيت، کاڻين جي کوٽائي جي موجوده طريقن ۽ روانگي واپار جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته گلگت ب??تس??ان، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ قيمتي پٿرن جا وسيع ذخيرا موجود آهن، انهن علائقن ۾ کاڻين جي کوٽائي جي لاءِ روايتي طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن جن جي ڪري قيمتي پٿرن جو زيان ٿي رهيو آهي،خام مال اڪثر اسمگل ٿي ٻين ملڪن ۾ و??ليو ايڊيشن کانپوءِ پوري دنيا کي برآمد ڪيو وڃي ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وسيع مقدار ۾ ذخيرن جي باوجود پاڪستان مان قيمتي پٿرن جي برامدات جو ڪاٿو ڪجهه ملين ڊالر آهي. وزيراعظم کي قيمتي پٿرن جي صنعت ۽ ان شعبي جي سڌارن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي گلگت ب??تس????ن ۾ قيمتي پٿرن جي حوالي سان هڪ ڪلسٽر ٺاهڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم تجويزن تي عملدرآمد جي ذميواري نجڪاري واري وفاقي وزير کي ڏيندي هڪ هفتي ۾ گلگت ب??تس????ن ۾ پائليٽ پراجيڪٽ جي حڪمت عملي کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته قيمتي پٿرن جي صنعت جي ترقي ۽ شعبي جي سڌارن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي پاڻ صدارت ڪندس. هن چيو ته وفاقي حڪومت گلگت ب??تس????ن ۾ قيمتي پٿرن جي کاڻين جي کوٽائي، تراش خراش ۽ ويليو ايڊيشن جي صنعت جو عالمي معيار سان هم آهنگ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪندي، ان حوالي سان وفاقي حڪومت گلگت ب??تس??ان حڪومت کي مڪمل مالي معاونت فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي بدقسمتي آهي ته 77 سالن ۾ ان شعبي تي ڌيان نه ڏنو ويو، قيمتي پٿرن جي روايتي طريقي سان کاڻين جي کوٽائي سان قيمتي اثاثو ضايع ڪيو پيو وڃي، هڪ مهيني ۾ عالمي معيار سان هم آهنگ جديد حڪمت عملي جوڙي ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ قدم شروع ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته قيمتي پٿرن جي صنعت ۽ ان شعبي جي سڌارن جي حوالي سان عملي قدم ۽ نتيجا پيش ڪيا وڃن، قيمتي پٿرن جي اسمگلنگ جي اجازت بلڪل نه ڏني ويندي، ان حوالي سان گلگت ب??تس??ان حڪومت سان مشاورت کانپوءِ هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن ۾ قيمتي پٿرن جي عالمي سطح تي لاڳو سرٽيفڪيشنز حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪست??ن ۾ هن وقت قيمتي پٿرن جي کاڻين جي کوٽائي جي حوالي سان 178 وڏا لائيسنس ڏنا ويا آهن جڏهن ته قيمتي پٿرن جا 18 قسم آهن، پاڪستان جي قيمتي پٿرن جي روانگي واپار جو 80 سيڪڙو حصو خام مال تي ٻڌل آهي، قيمتي پٿرن جي صنعت جي ترقي سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم قيمتي پٿرن جي جديد کاڻين جي کوٽائي، تراش خراش، پالشنگ ۽ ويليو ايڊيشن جي حوالي سان پاڪستاني افرادي قوت جي پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران ملڪ ۾ قيمتي پٿرن جي صنعت جي ترقي ۽ ان جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ