اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ملڪي روانگي واپار ساليانو 60 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته برآمد ڪندڙن جا مسئلا ٻن هفتن ۾ حل ڪيا وڃن. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت و??ير??عظم پنهنجي صدارت ۾ قومي برآمدات ترقيات بورڊ (National Export Development Board) جي اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، قيصر احمد شيخ، عبدالعليم خان، احسن اقبال، راڻا تنوير حسي??، محمد اورنگزيب، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، و??ير??عظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل آفيسرن ۽ وڏي انگ ۾ مختلف شعبن بشمول ٽيڪسٽائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ليدر، زراعت سان تعلق رکندڙ برآمد ڪندڙن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن برآمدي صنعت تي خصوصي ڌيان ڏيڻ تي و??ير??عظم جا ٿورا مڃيا. اجلاس کي حڪومت پاران برآمدي صنعت جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال پاڪستان جو روانگي واپار 30 ارب ڊالر کان وڌي ويو جنهن کي ٻيڻو ڪر?? جي لاءِ ايندڙ 5 سالن جو منصوبو پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ و??ير??عظم شهباز شريف ملڪي روانگي واپار کي 60 ارب ڊالر ساليانو تي پهچائڻ جو هدف ڏنو. و??ير??عظم چيو ته واپار واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا ايندڙ ٽن سالن ۾ روانگي واپار کي 60 ارب ڊالر جي هدف جي لاءِ عملي قدم کڻن. الحمدالله گذريل مالي سال ملڪي روانگي واپار 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ رهيو، حڪومتي پاليسين جي ڪري انفارميشن ٽيڪنالاجي روانگي واپار 3.2 ارب ڊالر کان وڌي ويو جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته برآمد ڪندڙن جي نشاندهي ڪيل مسئلن کي ايندڙ ٻن هفتن ۾ حل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. و??ير??عظم چيو ته هر ڏيڍ مهيني کانپوءِ قومي ترقي برآمدات بورڊ جي اجلاس جي صدارت پاڻ ڪندس. پاڪستان جي ترقي جي لاءِ سڀني کي محنت ڪرڻي آهي. مشڪل حالتن جي باوجود پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته واپار واري وزارت برآمدات جي صلاحيت رکندڙ شعبن جي نمائندن سان گڏجي پاليسي تجويزن کي حتمي شڪل ڏي، زرعي برآمدات ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ قومي غذائي تحفظ واري وزارت صوبن سان گڏجي ايڪسٽينشن سروسز جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته معياري ٻج ۽ زرعي جنسن جي وڌيڪ پراسيسنگ ڪري ان جي برآمد يقيني بڻائي وڃي. زرعي جنسن جي وڌيڪ پيداوار واري قسمن کي متعارف ڪرائ?? جي لاءِ قدمن کي تيز ڪيو وڃي. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته برآمدات جي شپنگ جي حوالي سان مسئلن کي فوري حل ڪري يورپ ۽ آمريڪا پاڪستاني سامان جي پهچ جو وقت گهٽ ڪيو وڃي. واپار واري وزارت سيڙپڪاري بورڊ سان چيني برآمدي صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان تعاون يقيني بڻائي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستاني شين جي برآمدات ۾ اضافي ۽ ان جي منفرد سڃاڻپ ٺاه?? جي لاءِ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، جدت ۽ برانڊ ڊيولپمينٽ تي ڪم ڪيو وڃي. ايف بي آر پاران برآمد ڪندڙن جي ريفنڊز ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه ڪيو ويندو. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ٽريڊ آفيسرز انهن ملڪن ۾ پاڪستاني شين جي برآمد ۽ پاڪستاني برآمد ڪندڙن جي رهنمائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. و??ير??عظم چيو ته صنعتن جي لاءِ بجلي جي لاڳت کي گهٽ ڪر?? جي لاءِ بجلي واري وزارت هڪ جامع منصوبو پيش ڪري. سڄي دنيا ۾ نجي شعبو ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ ا??م ڪردار ادا ڪري ٿو. نجي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ انهن کي پاليسي جي جوڙجڪ جي عمل جو حصو بڻايو وڃي. برآمدي صنعتن جي نمائندن و??ير??عظم کي مسئلن جي حل جي لاءِ تسلسل سان ملاقاتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته و??ير??عظم جي برآمدي شعبي ۾ خصوصي دلچسپي صنعتڪارن جي لاءِ حوصلي جوڳي آهي. برآمد ڪندڙن و??ير??عظم جي برآمدي صنعت کي ايف بي آر پاران وقت سر ريفنڊز جي فراهمي جي قدمن کي پڻ ساراهيو.
وزيراعظم پاران ملڪي روانگي واپار ساليانو 60 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف، برآمد ڪندڙن جا مسئلا ٻن هفتن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria