اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ??ه خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. سورهين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي ??ڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر ??الاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال جو خصوصي طور تي ذڪر ڪيو. صدر ??نهنجي خطاب ۾ چيو ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ ڪشميري مسلمانن کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ بدلائڻ جي ??ارتي حڪمت عملي جو حصو آهي، پاڪستان ڀارت جي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري ٿو، ڀارت 5 آگس?? 2019ع ۽ ان کانپوءِ کنيل سمورا غيرقانوني قدم واپس وٺي. صدر ??يو ??ه خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار جو حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي. صدر ??نهنجي خطاب ۾ فلسطين جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي بيگناهه فلسطينين جي قتل، اسرائيلي فوج پاران وڏي پئماني تي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي آهي، پاڪستان قابض اسرائيلي فوج جي ??لي عام ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو.
خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔