اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) خصوصي س??ڙپڪاري س??ولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سعودي عرب، قطر، گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سان مفاهمتي ياداشتن کي تيز رفتاري سان معاشي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪميٽي ڊوميسٽڪ ڊسپيوٽ ريزوليوشن جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ سميت سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مختلف پاليسي سازي جي منظوري ڏني، ڪميٽي س??ڙپڪارن ک?? خ??ص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي ترقي کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، ڪميٽي اسمگلرن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جي پختي عزم جو پڻ اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خصوصي س??ڙپڪاري س??ولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اٺون اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن ۽ اعليٰ سطح جي سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزارتن اهم شعبن ۾ منصوبن تي اڳڀرائي ۽ متوقع سيڙپڪاري جي وقت سر تڪميل جي حوالي سان اجلاس کي آگاهه ڪيو. ڪميٽي ايس آئي ايف سي تحت مختلف شعبن ۾ حاصل ٿيندڙ مج??وع?? اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪميٽي سعودي عرب ۽ قطر سان ٻطرفي س??ڙپڪاري جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سان مفاهمت جي ياداشتن ۽ فريم ورڪ معاهدن تي صحيحن سميت دوست ملڪن سان معاشي رابطن ۾ اضافي کي ساراهيو. فورم انهن مفاهمتي ياداشتن کي تيز رفتاري سان معاشي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي نجڪاري تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ۽ مختلف اهم هدفن جي وقت سر تڪميل ۾ مختلف ڌرين جي گڏيل تعاون کي ساراهيو ۽ رفتار کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي س??ڙپڪاري جي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ کنيل مختلف قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ڊوميسٽڪ ڊسپيوٽ ريزوليوشن جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ سميت سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مختلف پاليسي سازي جي منظوري ڏني. ڪميٽي س??ڙپڪارن ک?? خ??ص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي ترقي کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق راءِ ڪيو. ڪميٽي معيشت جي اهم شعبن ۾ اڀرندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انساني وسيلن جي ترقي جي لاءِ جاري شموليتي موقف کي ساراهيو. ڪميٽي اسمگلرن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. آرمي چيف ملڪ جي معاشي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن جي حمايت جي لاءِ پاڪ فوج جي اڻٿڪ عزم ج?? خ??طري ڪرائي. آخر ۾ نگران وزيراعظم سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي ايس آئي ايف سي جي مختلف قدمن کي ڀرپور طريقي سان اڳتي وڌائين ته جيئن مقرر مدي جي اندر انهن جي تڪميل کي يقيني بڻائي سگهجي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل