اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي مص??، عمان، بوسنيا، سريلنڪا ۽ قبرص سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب جمهوريه مص??، سلطنت عمان، بوسنيا وهرزيگووينا، جمهوريه قبرص ۽ سريلنڪا جي نامزد سفيرن/ هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي ڪيو. سفارتڪارن پنهنجون سفارتي سندون صدر کي پيش ڪيون ۽ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ??اڪ??تان ۾ مص?? جي نامزد سفير ڊاڪٽر ??يهاب محمد عبدالحامد حسن جي آجيان ڪندي صدر مص?? سان سان ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، ثقافتي وابستگي ۽ قدرن تي ٻڌل رشتن مان ظاهر ٿين ٿا. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صدر غزه ۾ اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان بيگناهه ماڻهن جي قتل ۽ عوامي ملڪيتن کي ٿيندڙ وڏي نقصان تي ??اڪ??تان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر ??يهاب محمد عبدالحامد حسن ٻڌايو ته مص?? غزه جي لاءِ انساني امداد جي حمايت ڪري رهيو آهي. سلطنت عمان جي نامزد سفير فهد سليمان خلف الخروسي سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ??اڪ??تان ۽ عمان جي وچ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن. هن ٻڌايو ته ??اڪ??تان غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جوڙي آهي جيڪا ??اڪ??تان جي آءِ ٽي، زراعت، معدنيات ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو آپريشن فراهم ڪري ٿي. صدر ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. سفير سلطان پاران ??اڪ??تان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن چيو ته هو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. بوسنيا وهرزيگوينا جي نامزد سفير ايمن ڪوهوڊاريوچ جي آجيان ڪندي صدر چيو ته ??اڪ??تان بوسنيا وهرزيگوينا سان ڀائيچاري ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل پنهنجي دوستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي زبردست گنجائش موجود آهي. سفير چيو ته هو سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. سريلنڪا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ايڊمرل (ر) رويندرا چندرا سري وجي گونارتني سان ڳالهائيندي صدر چيو ته سريلنڪا ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ لاڳاپا گذريل 7 ڏهاڪن ۾ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. هن سياسي ۽ ثقافتي سطح تي دورن جي مٽاسٽا کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر اعتراف ڪيو ته سريلنڪا پهريون ملڪ آهي جنهن ??اڪ??تان سان آزاداڻي واپار جو معاهدو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. جمهوريه قبرص جي نامزد سفير اينڊرياس پي ڪوزوپس سان ڳالهه ٻولهه دوران صدر چيو ته ??اڪ??تان قبرص کي هڪ اهم دوست سمجهي ٿو ۽ قبرص سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چ??هي ٿو. هن يورپي يونين جي ڏس ۾ جمهوريه قبرص جي ??اڪ??تان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. صدر غزه ۾ پيش ايندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز ٻارن ۽ عورتن سميت معصوم ماڻهن کي قتل ڪري سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ??اڪ??تان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
صدر پاران مصر، عمان، بوسنيا، سريلنڪا ۽ قبرص سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے