اسلام ??باد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان سدائين کان فلسطين مسئلي جي ٻه ر??استي حل جو حامي آهي، ايوان صدر مان فلسطين بابت جاري ٿيندڙ صدر جي بيان تي پرڏيهي وزارت پاران وضاحت ڪئي وئي هئي. س??ني?? جي اجلاس ۾ صدر جي فلسطين جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ايوان صدر پاران جاري ٿيندڙ بيان بابت س??ني??ر ميان رضا رباني جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباسي جيلاني چيو ته ايوان صدر مان صدر جو جيڪو بيان جاري ڪيو ويو ان ۾ پرڏيهي وزارت کان ڪا راءِ نه ورتي وئي هُئي، صدر هڪ رياستي حل جي ڪهڙي تناظر ۾ ڳالهه ڪئي ان جي مون کي خبر نه آهي، ڇو ته پاڪستان جو سدائين ٻه ر??استي حل جو موقف رهيو آهي جنهن جو بنياد 1967ع جي سرحد، گڏيل قومن جي قرارداد 242 ۽ او آءِ سي جُون قراردادون آهن. جڏهن صدر جو بيان جاري ٿيو ته اسان کي به هڪ وضاحت جاري ڪرڻي پئي ۽ اها وضاحت اسان او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ گڏيل قومن سميت لاڳاپيل ادارن کي پڻ موڪلي، ان وضاحت کي نه رڳو ??لڪ?? پر ??ير??لڪ?? ميڊيا ۾ پڻ اجاگر ڪيو ويو.
صدر جي بيان بابت پرڏيهي وزارت کان ڪا راءِ نه ورتي وئي هُئي، صدر هڪ رياستي حل جي ڪهڙي تناظر ۾ ڳالهه ڪئي ان جي مون کي خبر نه آهي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : کڑک