اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري س??ول?? ڪائونسل جي پليٽ فارم تان آءِ ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جا سمورا هدف پورا ڪيا ويندا، سمورين يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي حوالي سان عالمي معيار جي تعليم ۽ هنر جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، حڪ??مت مقامي سطح تي تيار بائي ٽيڪ مصنوعات خاص طور تي سمارٽ ف??نز جي فروغ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام شعبي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام شعبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي جي ترقي جي لاءِ وزارت جي قدمن ۽ ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ حڪ??ت عملي پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي واري وزارت وفاقي سطح تي سمورين سرڪاري خدمتن کي ڊيجيٽلائيز ڪري انهن کي هڪ ڇٽيءَ جي هيٺ اڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ان قدم سان حڪ??مت کي ٽيڪسجي وصولي جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ٽيڪس چوري جي بهتر نشاندهي ٿي سگهندي. ان کانسواءِ پاڪستان جي معيشت جي مڪمل ڊيجيٽلائيزيشن جو هدف پڻ حاصل ڪيو ويندو. اجلاس کي ملڪي آءِ ٽي صنعت جي ترقي جي لاءِ وزارت جي قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ يونيورسٽين ۽ آءِ ٽي ماهرن جي تعاون سان ان شعبي جي تعليم پرائيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ عالمي معيار جي آءِ ٽي تربيت حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏني ويندي، ان قدم سان وڌيڪ 2 لک هنرمند ماڻهن جو آءِ ٽي صنعت ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهندو جنهن سان ان شعبي جي روانگي واپار ۾ 5 ارب ڊالر تائين جو اضافو ممڪن ٿيندو. فري لانسرز جي حوالي سان وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وزارت فري لانسرز جي تربيت، انهن جي س??ول??ن ۽ ٻاهرئين ملڪ مان رقم جي وصولي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، انهن قدمن ۾ ورڪنگ اسپيس جي فراهمي لاءِ نجي شعبي کي وياج کانسواءِ قرض عالمي سطح تي مڃيل رقم وصولي جي سروس فراهم ڪندڙن تائين فري لانسرز جي پهچ ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي شامل آهي. انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ان شعبي جي روانگي واپار ۾ وڌيڪ 3 ارب ڊالر جو اضافو ممڪن ٿي سگهندو. حڪ??مت آئي اسٽارٽ اپس جي لاءِ قدمن تائين آسان پهچ ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ به قدم کڻي رهي آهي، جنهن سان ايندڙ 6 مهينن ۾ هڪ ارب ڊالر جي ٻاهرئين سيڙپڪاري متوقع آهي. اجلاس کي پاڪستان ۾ هائي اسپيڊ انٽرنيٽ جي فراهمي، فائيو جي سروس ۽ ٽيلي ڪام شعبي جي سڌارن جي حڪ??ت عملي پڻ شامل ڪئي وئي. نگران وزيراعظم انهن سمورن قدمن جي پذيرائي ڪئي ۽ خاطري ڪرائي ته حڪ??مت پنهنجي مختصر آئيني مدي ۾ انهن سمورن شعبن تي خصوصي عملدرآمد يقيني بڻائيندي جنهن سان معيشت جي بهتري سان گڏوگڏ ان شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جي لاءِ قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهبو. هن هدايت ڪئي ته ملڪ جو آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪ??ت عملي پيش ڪن. هن چيو ته آءِ ٽي شعبي جي ترقي جي لاءِ هر قسم جون س??ول??ون فراهم ڪنداسين. خصوصي سيڙپڪاري س??ول?? ڪائونسلس جي پليٽ فارم تان آءِ ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جا سمورا هدف پورا ڪيا ويندا. سڄي ملڪ ۾ سمورين سرڪاري خدمتن جي ڊيجيٽلائيزيشن ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪ??مت فري لانسرز کي درپيش سمورن مسئلن جو پائيدار حل فراهم ڪندي. سمورين يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي حوالي سان عالمي معيار جي تعليم ۽ هنر جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. حڪ??مت مقامي سطح تي تيار بائي ٽيڪ مصنوعات خاص طور تي سمارٽ ف??نز جي فروغ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي.
خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي پليٽ فارم تان آءِ ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جا سمورا هدف پورا ڪيا ويندا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو