اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنينن کي بجلي چوري جي ??وڪٿام جو روڊ ميپ ۽ بجلي جي ??عبي جي ??ڌارن ۽ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي جو پلان جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ بجلي جي وڌيڪ بلن ۾ گهٽتائي لاءِ ٺوس جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن اهي هدايتون بجلي جي ??لن ۾ اضافي تي هنگامي اجلاس جي پهرين دور جي ??دارت ڪندي جاري ڪيون، اجلاس ۾ وزيراعظم کي جولاءِ جي ??جلي جي ??لن ۾ اضافي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جلد بازي ۾ ڪو به اهڙو قدم نه کنيو وڃي جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي، اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان ملڪي خزاني تي اضافي بار نه ??وي ۽ صار??ين کي سهولت ملي. هن چيو ته ائين ممڪن ناهي ته عام ماڻهو مشڪل ۾ هجي ۽ آفيسر شاهي ۽ وزيراعظم ان جي ٽيڪس تي مفت بجلي استعمال ڪن. هن چيو ته لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا مفت بجلي حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ادارن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪن،هن چيو ته هو عام ماڻهن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، وزيراعظم هائوس ۽ پاڪ سيڪريٽريٽ ۾ بجلي جو خرچ گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن منهنجي ڪمري جي ??ي سي بند ڪرڻي پوي ته بيشڪ بند ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو ته بجلي جي ??چت جي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ جولاءِ جي وڌيڪ بلن جي مسئلن تي صوبائي وڏن وزيرن سان تفصيلي مشاورت پڻ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ عبوري ڪابينا جي وفاقي وزيرن، سيڪريٽري پاور ، واپڊا چيئرمين، نيپرا چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي اڄ سومر تائين ملتوي ڪندي ٺوس قدم ۽ پلان تيار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
نگران وزيراعظم جي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ بجلي جي وڌيڪ بلن ۾ گهٽتائي لاءِ ٺوس قدم جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی