اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ ۾ 2 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ آءِ ٽي، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان مجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعو??ي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ فراخدلاڻي حمايت تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا جنهن خاص طور تي آءِ ايم اي?? سان معاهدي کي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم سعودي سفير کي چيو ته هو ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 بلين ڊالر جمع ڪرائڻ تي پاڪستان پاران خصوصي ٿورا مڃي ٿو. وزيراعظم سعودي سفير کي سعو??ي عرب سميت جي سي سي جي ميمبر ملڪن سان امڪاني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ ۽ تيز رفتاري سان اڳتي وڌڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ٽي، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي گڏيل تعاون کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. سعودي سفير ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعو??ي عرب هڪ ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن جيڪو گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دوري جو بي تابي سان منتظر آهي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ آءِ ٽي، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena