اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ??يو آهي ته موجوده صورتحال جي تناظر ۾ نيشنل اڪنامڪ پلان جوڙيو وڃي، پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو ڪو به فائدو ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي عالمي پارلياماني ڪنوينشن جي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته گولڊن جوبلي جي تقريبن ۾ شرڪت تي پنهنجي دوست ملڪن ۽ معزز مهمانن کي ڀليڪار چوان ٿو. اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين ۾ پارليامينٽ کي مجلس شوريٰ سان تعبير ڪيو ويو آهي، شوريٰ هڪ قرآن اصطلاح آهي، قوم جي چونڊيل نمائندن تي ٻڌل پارليامينٽ کي شوريٰ سان ياد ڪيو آهي. وحي جو دروازو قيامت تائين لاءِ بند آهي ۽ شوريٰ جو دروازو قيامت تائين کليل آهي. حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم شوريٰ سان مشاورت ڪندو هو، غزوه احد ۾ جڏهن مشڪل صورتحال پيش آئي ۽ 70 جي لڳ ڀڳ صحابه ڪرام شهيد ٿيا، حضور اڪرم صلعم ڪرب ۾ هو پر پنهنجي ماڻهن لاءِ رحمدل هو، پاڻ صلعم جي قيادت نرم طبيعت جي هئي. حضرت علي جي ئي هڪ ٻئي روايت آهي ته اسان قرآن ۽ سنت سان مسئلا حل نه ڪري سگهون ٿا ته ڇا ڪريون، حضور صلعم فرمايو ته پوءِ مشاورت ڪريو، هن ??يو ته اهڙن ماڻهن سان مشاورت ڪريو جي??ي فقهي هجن. صاحب الراءِ هجن، اهڙي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جي پارليامينٽ کي مجلس شوريٰ قرار ڏنو ويو آهي، پاڪستان جو آئين ادارن جي اندر اختيارن کي ورهائي ٿو، پارليامينٽ، عدليه ۽ انتظاميه، انهن سڀني جو پنهنجو دائري ڪار آهي ۽ دائري اختيار آهي، پارليامينٽ آئين ۽ قانون ٺاهي ٿو، ترميم ڪري ٿو،. هن ??يو ته آئين ۽ قانون پارليامينٽ جي تخليق آهي ته اهو ئي ادارو سڀ کان وڌيڪ ط??قت??ر آهي، اسان وٽ هتي اختيارن جي مسئلي ۾ بگاڙ پيدا ٿيو آهي، ادارا پنهنجي دائري اختيار کان ٻاهر ٻين جي دائري ۾ مداخلت ڪندا آهن، پارليامينٽ جي اختيارن ۾ مداخلت ڪئي ويندي آهي، اڄ جي??ا مشڪلات آهي ان جو بنيادي سبب اهو ئي آهي. آئين جو بنياد آهي ته احترام ضروري رهي، تڏهن ئي ملڪ ترقي ڪندو. هن ??يو ته عدليه جو ڪم تشريح آهي پر جڏهن نظر ڊوڙايون ٿا ته هو من پسند ۽ مبهم تشريح ڪندي آهي، آئين ملڪ، سمورن صوبن جي ماڻهن، قوميت وچ ۾ ميثاق ملي آهي. هن ??يو ته پاڪستان جي هر شهري جي ڪمٽمنٽ هن آئين موجب آهي، هي نه رهيو ته ڪنهن کي پابندي نه رهندي، ضروري آهي ته آئين کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ ان سان کيڏڻ بند ڪري ان کي رهنما تصور ڪيو وڃي، دنيا ترقي ڪري رهي آهي، ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وڌي رهي آهي ۽ قدرتي ذخيرن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي پر اسان آهيون جي??و اسان جو نظام ٻاهرين قوتن جي هٿ ۾ آهي، سياسي طور تي اسان جي دعويٰ آهي ته پارليامينٽ خودمختيار آهي پنهنجي قانونسازي ڪندي آهي، جي??ڏهن عالمي ادارا، گڏيل قومون، انساني حقن جا ادرا ڪو فيصلو ڏئي ڇڏين ته اسان جو ملڪ ۾ اهو موثر هوندو. هن ??يو ته پنهنجو قانون ۽ پنهنجو آئين غير موثر ٿي ويندو آهي، اسان کي ط??قت??ر ملڪ بڻجڻو پوندو، دنيا سان هلڻ لاءِ ط??قت??ر هجڻ ضروري آهي، ڪمزور ملڪ غلام هوندا آهن اهي دنيا سان هم قدم نٿا ٿي سگهن، اسان جا فيصلا ايف اي ٽي ايف، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ، پيرس گروپ ڪندا آهن، اڄ اسان پنهنجي بجيٽ پاڻ ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون، آئين کان مٿانهين قانونسازي ٿيندي آهي، ايف اي ٽي ايف جي خواهش تي قانونسازي ٿي، اسان ان جو حصو نه بڻياسين، هتي آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي قانونسازي ڪئي، اسان ان جو ساٿ نه ڏنو. هن ??يو ته ريڪوڊڪ جي معاملي تي اسان سودي نه ڪئي، صوبي جي حق لاءِ ڄميل رهياسين، اسان جي آئين جو بنيادي ٿنڀ اسلام آهي ۽ آئين چوي ٿو ته حاڪميت الله جي ۽ اسلام پاڪستان جو مملڪتي مذهب هوندو. ڪا قانونسازي قرآن ۽ سنت کانسواءِ نه ٿيندو. ٻيو ٿنڀ جمهوريت آهي جي??و آئين به ٺاهينداسين ۽ ان تي عمل ڪنداسين. ٽيون ٿنڀ پارلياماني نظام آهي ان کانسواءِ ڪو ٻيو صدارتي نظام يا ڪنهن قسم جو نظام نه هلندو، هڪ وفاق تحت اڪاين جا اختيار هوندا. هن ??يو ته جمهوريت انهي لاءِ هوندي آهي ته سڌارا پارليامينٽ جي ذريعي ڪيا وڃن، جنگيون به ڪنهن مسئلي جو حل ناهن هونديون. اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڪيئن ملڪ ۾ داخلي امن ٿيندو، داخلي امن لاءِ معاشي استحڪام ضروري آهي، نيشنل ايڪشن پلان بدران نيشنل اڪنامڪ ايڪشن پلان تي ڪم ڪيو وڃي اسان جي سوچ مثبت آهي، انهي سان اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. مضبوط جمهوريت گهرجي، ڌانڌلين جي نتيجي ۾ نااهل مڙهجي ويندا آهن، هن ??يو ته جي??ي واقعا ڪالهه کان ٿي رهيا آهن جنهن جو اسان مشاهدو ڪري رهيا آهيون انهي لاءِ ??يو هو ته انهن سان ڳالهين جو ڪو به فائدو ناهي، پي ٽي آءِ ۾ ع??ل ۽ شعور کان عاري ماڻهو آهن جي??ي ڳالهين جي قابل نه هئا.
موجوده صورتحال جي ڏس ۾ نيشنل اڪنامڪ پلان جوڙيو وڃي، پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو ڪو به فائدو ناهي: مولانا فضل الرحمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں