راولپنڊي – 09 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته واپاري ??رادري ??صوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏيل ڪوششن سان ڇاتيءَ جي ڪينسر جي خلاف آگاهي ۾ خاطرخواهه ڪاميابي ملي، ڪنهن به ملڪ جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ واپاري ??رادري وڏي اهميت رکندي آهي، بريسٽ ڪينسر جي حوالي سان ميڊيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ??ي اهتمام هيٺ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر خلاف ٿيندڙ آگاهي سيشن کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو فروغ وقت جي ضرورت آهي ڇو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت سر ت??خيص ۽ علاج سان ان موذي مرض کان بچي سگهجي ٿو. عورتن کي گهرجي ته جسم ۾ ڪنهن به غ??رم??مولي تبديلي جي صورت ۾ فوري ??ور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن. وومين امپاورمينٽ هڪ خوش آئنده عمل آهي، جيڪو جاري ??هڻ گهرجي. هن چيو ته آگاهي سان بريسٽ ڪينسر کان بچاءُ جا امڪان 90 سيڪڙو هوندو آهي، ڏورانهن علائقن ۾ به بريسٽ ڪينسر جي تشخيص جي سهولت جي دستيابي کي يقيني بڻائڻو پوندو. بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهو معاشري ??و اهم حصو آهن ۽ اسان جي ڌيان جا مستحق آهن، حڪومتي سطح تي خصوصي ماڻهن جي بحالي جا قدم کنيا پيا وڃن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي، ڀلائي ۽ انهن کي معاشري ??و ڪارائتو شهري ??ڻائڻ جي لاءِ معاشري ??ي سڀني طبقن خاص طور تي واپاري ??رادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري. نجي شعبو ۽ اين جي اوز به خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪري. حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن کي به پاڻڀرو ڪرڻ بابت سنجيده قدم کڻي رهي آهي. خصوصي ماڻهن کي قرض جي فراهمي سان گڏوگڏ انهن جي مالي معاونت جو سلسلو به جاري ??هي. پاڪستان دنيا جو خوبصورت ترين ملڪ آهي، نوجوانن کي گهرجي ته پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي ملڪ ۽ قوم کي فائدو پهچائين. گڏيل ڪوششن سان ذهني صحت، مختلف قسمن جي جسماني معذوري ۽ بريسٽ ڪينسر جي بچاءُ جي حوالي سان ڪم ڪري ??گهجي ٿو.
واپاري برادري خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ