اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ بابت اختيار انساني حقن واري وزارت کي ڏئي ڇڏيا هئا، اسان ??ڪومت سنڀاليندي ئي ڪابين?? ۽ ??ارليامينٽ جي منظوري سان ??هو اختيار واپس اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي ڏياريو آهي، اسان ڪنهن صحافي جي خلاف پيڪا قانون تحت ڪي?? ناهن ٺاهيا. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڳالهائي رهي هئي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. صحافت جي آزادي جي حوالي سان معاملي تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. سينيٽر فيصل جاويد جي ميڊيا جي خلاف ڪي??ن ۽ انتقامي ڪاررواين جي شڪايت تي سينيٽر عرفان ??ديقي ۽ سينيٽر وقار مهدي تجويز ڏني ته ميڊيا مالڪن کي گهرائي اڳوڻي ۽ موجوده دور ۾ صحافت جي آزادي جي ڀيٽ ڪرائي وٺون ٿا ته ڪهڙي دور ۾ ڇا ٿيو؟ سينيٽر عرفان ??ديقي چيو ته اڳوڻي ۽ موجوده دور جي پوري ڪهاڻي ڪميٽي ۾ اچڻ گهرجي، آئون ته پاڻ اڳوڻي حڪومت جي انتقامي ڪارروائي جو ثبوت ويٺو آهيان، مير شڪيل الرحمان ۽ ٻين ميڊيا پرسنز کي پڻ گهرايو، انهن کان پڇو گذريل چار سال ۾ ڇا ٿيو. ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد پيمرا چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته خاطري ڪرايو عمران ??ان ??ي تقرير سمورن چينلز تي نشر ٿيندي. ڪميٽي ميمبرن ان ??ي اعتراض ڪيو ۽ ٽهڪ لڳائيندي چيو ته پرائيويٽ ميڊيا کي پيمرا چيئرمين اهو ڪي??ن چئي سگهي ٿو. پيمرا چيئرمين سليم بيگ چيو ته پيمرا ڪنهن سياسي پارٽي جي سربراهه جي تقرير ڏيکارڻ جي لاءِ چينلز کي نه ٿو چئي سگهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هڪ سال ۾ ڪو چينل بند ناهي ٿيو نه ئي ڪو پروگرام، هڪ سال ۾ ڪنهن جي نڪ جي هڏي ناهي ٽوڙي، نه پاسراٽيُون ٽوڙيون. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ميڊيا سان ??يادتيون ٿي رهيون آهن، چينل بند ٿي رهيا آهن، جنهن تي اطلاعات واري وزير سوال ڪيو ته ٻڌايو ڪهڙو چينل بند ٿيو آهي، ان ??وال تي سينيٽر فيصل جاويد لاجواب ٿي ويو. اطلاعات واري وزير ڪميٽي چيئرمين کي مخاطب ڪندي چيو ته حقيقتون ۽ انگ اکر آڻيو پوءِ ڳالهه ڪريو، اسان ڪنهن صحافي جي خلاف پيڪا قانون تحت ڪي?? ناهن ٺاهيا. وفاقي وزير مريم اورنگزيب سوال اٿاريو ته نواز شريف تي پابندي ڪنهن هنئي هئي؟ عرفان ??ديقي کي اڌ رات جو ڪنهن گرفتار ڪيو هو؟ هن چيو ته هي گذريل چار سالن وارو ڪارو دور نه آهي، جتي پروگرام، ڪالم ۽ چينل بند ڪي?? ويندا هئا، ميڊيا جي آزادي تي مڪمل يقين ئي نه ٿا رکون ان ??ي عمل به ڪريون ٿا. سينيٽر سيد وقار مهدي چيو ته ريڊيو پاڪستان ??ي ملازمن جي بيواهن جي پينشن جي 20 رمضان ??ائين ادائيگي جو واعدو ڪيو ويو هو جنهن تي ڊي جي ريڊيو پاڪستان ??اهر حسن چيو ته رقم جو بندوبست ٿي ويو آهي، پينشنرز جي بيواهن کي سڀاڻي رقم ادا ڪئي ويندي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته گذريل حڪومت ريڊيو پاڪستان ??ي پرائيويٽ بزنس جو عمل شروع ڪيو هو، منصوبو رڳو ڪاغذن ۾ هو، عملي ڪم نه ٿيو هو، اسان ??يڊيو بزنس پلان ??ي تياري جي شروعات ڪئي، ڊي جي ريڊيو هڪ پلان ??يار ڪري ورتو آهي پر اڃا وزارت کي باضابطا پيش ناهي ٿيو، ريڊيو پاڪستان کي زمين جي وڪري يا پرائيويٽ شعبي کي ڏيڻ جي ڪا اجازت ناهي ڏني وئي. هن چيو ته ريڊيو جي زمين تي سئنيما ٺاهڻ جي تجويز جو جائزو وٺڻ جو چيو هو ته جيئن ريڊيو جي آمدني ٿي سگهي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو جا رپورٽرز پرائيويٽ ميڊيا وانگر هاڻي فيلڊ ۾ نظر ايندا. هن چيو ته اسٽيٽ آف دي آرٽ چار پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيوز ريڊيو ۾ تيار ٿي چڪا اهن. اطلاعات واري وزير ڪميٽي ميمبرن کي ريڊيو جي دوري ۽ پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيوز جي معائني جي دعوت پڻ ڏني. پيمرا چيئرمين سليم بيگ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد ٿيو آهي، ميڊيا جي ايڊيٽوريل ججمنٽ تي اسان ??و اختيار نه آهي، عمران ??ان ??ي تقرير ڏيکارڻ يا نه ڏيکارڻ جو فيصلو چينلز پاڻ ڪندا آهن، پيمرا ڪا پابندي ناهي لڳائي.
اڳوڻي حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ بابت اختيار انساني حقن واري وزارت کي ڏئي ڇڏيا هئا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا