اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پا??ستان شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پا??ستان جي حڪومت ۽ عوام کي وڏي ڏک سان ڏکڻ ترڪيه ۾ شديد زلزلي جي خبر ملي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪي?? جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري المناڪ جاني نقصان تي ڀائر ترڪ عو??م سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي امدادي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي آهي. بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ پنهنجي ترڪ هم منصب چاوش اولو سان رابطو ڪري ان سان جاني نقصان تي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ کيس مدد جي آڇ کي ورجايو. بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سمورن دستياب وسيلن کي متحرڪ ڪري رهي آهي جن ۾ سرديءَ جي موسم ۾ استعمال ٿيندڙ خيما، ڪمبل ۽ زندگي بچائيندڙ ٻيون اهم شيون شامل آهن، متاثر علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي لا??ِ تربيت يافته اربن سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمن کي انهن جي اوزارن ۽ دوائن سان گڏ روانو ڪيو پيو وڃي. بيان موجب انقره ۾ پا??ستان جو مشن لاڳاپيل ترڪ عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ت?? جيئن زلزلي کان متاثر علائقن جي لا??ِ ڪنهن اضافي ضرورت جي نشاندهي ڪري سگهجي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پا??ستان ان شديد قدرتي آفت جي ڏس ۾ ترڪي?? جي ڀائر عو??م سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو جڏهن ته پا??ستان فوري امدادي ڪوششن کانسواءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلن ۾ ترڪيه سان گڏ ڪم جاري رکندو.
پاڪستان پاران شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil