ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان واپار، ??يڙ??ڪاري، توانائي ۽ عوامي راب??ن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪاس?? 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪ??ئونسل جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزست??ن جي صدر رسدير زاپروف جي ملاقات ۾ ٿيو. ٻنهي اڳواڻن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪرغزست??ن جي صدر موسمياتي تبديلين جي ڪ??ي پاڪستان ۾ ايندڙ وڏي ٻوپ ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يڪجهتي جي اظهار تي صدر زاپروف جا ٿورا مڃيا ۽ شديد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي تفصيلن کان کيس آگاهه ڪيو. هن موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي اهميت ۽ پاڪست??ن جهڙن ملڪن جي لاءِ تعاون جي ضرورت تي زور پڻ ڏنو جن جو ڪاربن جي اخراج ۾ عملي طور تي ڪو حصو نه آهي. ٻنهي اڳواڻن واپار، ??يڙ??ڪاري، توانائي ۽ عوام سان عوام جي راب??ن ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اعليٰ سطحي دورن، بين الپارلياماني لاڳاپن ۽ دفاعي ۽ سيڪيورٽي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن بجلي جي پهچ جي ڪ??س?? 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ڪرغزستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن جي ذريعي سمنڊ تائين پهچ ۾ سهولت ڏيڻ جي پاڪست??ن جي عزم کي ورجايو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ چارٽرڊ اڏامن جي بحالي جي پڻ آجيان ڪئي. وزيراعظم جمهوريه ڪرغزست??ن جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ 11000 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگردن جي ميزباني تي ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪرغزست??ن جي حڪومت ملڪ ۾ انهن جي تعليمي قيام دوران انهن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي ۽ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائيندي. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطحي رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر زاپروف کي جلد پاڪست??ن جي دوري جي دعوت ڏني.
پاڪستان ۽ ڪرغزستان پاران واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ، اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔