اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن ۽ قومي ور??ي ۽ ثقافت واري صلاحڪار انجنيئر ??مي?? مقام چيو آهي ته 6 سيپٽمبر انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي جن ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ انجنيئر ??مي?? مقام چيو ته اچو وچن ڪريون ته اسان پنهنجي اتحاد جي ذريعي سمورن اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن کي شڪست ڏيند??ين جيئن اسان 1965ع ۾ ڪيو هو. وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر ??مي?? مقام چيو ته پاڪ فوج ۽ پوري قومي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته 1965ع جي ??نگ ملڪي دفاعي تاريخ جو هڪ شاندار باب آهي، پاڪ فوج هر محاذ تي بهادري جا شاندار مثال قائم ڪيا. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته قوم کي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اتحاد ۽ جذبي جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪ فوج 1965ع ۾ ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏنيون.
6 سيپٽمبر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي: انجنيئر امير مقام
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی