اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ بابت سوالن جا جواب ڏي، ان کان جيڪو سو??ل پڇي ان کي گاريون ۽ ڌمڪي ڏني ويندي آهي، عمران خان چاهي ٿو ته سڀ سندس ڪوڙ جي بيعت ڪري وٺن، ڪرپشن جو حساب نه وٺن، هو مرضي جا سوال ۽ پنهنجي مرضي جا جواب، مرض?? جو ميچ، مرض?? جو ايمپائر ۽ رانديگر چاهي ٿو جتي ان جي مرضي سان آئوٽ ۽ ناٽ آئوٽ ڏنو وڃي. اڳوڻي وفاق?? وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاق?? وزير چيو ته عمران خان مرض?? جو جج، مرض?? جو وڪيل ۽ مرض?? جو فيصلو چاهي ٿو، هو آئين کي نٿو مڃي نه ئي قانون کي، هو پنهنجو پاڻ کي ئي آئين ۽ قانون سمجهي ٿو. هن چيو ته عمران خان پاڻ کي ئي عدالت، جج ۽ پوليس سمجهي ٿو، عدالت سو??ل پڇي ته ان جي توهين ڪرڻ، الزام لڳائڻ ۽ پوءِ سازش جو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڇڏيند?? آهي، وفاق?? وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سوالن کان هي اٺ سالن تائين ڀڄندو رهيو ۽ هن الزام لڳائڻ ۽ گهيراءُ جون ڌمڪيون ڏنو، هن چيو ته ميڊيا جي سو??ل پڇڻ تي چينل، پروگرام ۽ ڪالم بند ڪيا ويند?? رهيا، ڪيس ۽ ڪارا قانون ٺاهيا ويا، صحافين کي جيلن ۾ وڌو ويو، انهن جو پاسراٽيون ٽوڙيون ويون، جيڪڏهن سياسي مخالف سو??ل پڇن ته کين موت جي سزا جي چڪين ۾ وجهڻ ۽ چار ديوار?? جو تقدس پائمال ڪيو ويو، هن چيو ته چئن سالن تائين هر ڪوشش جي باوجود هي ڪنهن هڪ سياسي مخالف جي خلاف هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيو پر ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته اهڙي ماڻهو کي ذهني مريض چوندا آهن جنهن جي جاءِ پاگل خانو هوند?? آهي.
عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ بابت سوالن جا جواب ڏي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری