اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي ??لا??ي تحقيق ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي جي رفتار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، صدر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي ۾ ايرو اسپيس سائنس ۽ انجنيئرنگ جي باري ۾ ستين عالمي ڪا??فرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ اسپارڪو چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جو وائيس چانسلر ميجر جنرل (ر) ريحان عبدالباقي، ڪا??فرنس جو سيڪريٽري ڊاڪٽر نجم عباس نقوي، سائنسدانن سميت ملڪي ۽ غير ملڪي نمائندن به شرڪت ڪئي.
صدر ??يو ته اسپارڪو جي تعاون سان خلا مان ڪيتري ئي معلومات فراهم ٿيندي آهي، مواصلاتي سيارن جي ذريعي انسانن کي لاتعداد معلومات ۽ ڊيٽا ملي ويندي آهي، معلومات ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين 24 هزار کان وڌي?? سيٽلائيٽ لانچ ڪيا ويا آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ننڍپڻ ۾ ڪهڪشائن کي ڏسندي لطف اندوز ٿيندا هئاسين، پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ لکين ماڻهن جي ضرورت آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ماهرن جي اسان جي افرادي قوت جي طلب يورپ ۽ اولهه تائين ٿي سگهي ٿي، پر پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ ماهرن کي ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال ڪندو، هن چيو ته دنيا ۾ جعلي خبرون وڏي پئماني تي هلي رهيون آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي شفافيت کي فروغ ۽ ڪوڙ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، صدر ??يو ته نئين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۾ انساني هٻڪ محسوس ڪندو آهي، جديد دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ليڊرشپ جي ضرورت پوندي آهي، هن چيو ته جديد دنيا ۾ ٽيڪنالاجي کي جلد قبول ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ??لا??ي تحقيق ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ پنهنجو هر مڪن ڪردار اد ڪندي، صدر ??يو ته دنيا وٽ ايتري ڊيٽا موجود آهي ته ان جو تجزيه ڪرڻ به مشڪل آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت اچي رهي آهي، ٽيڪنالاجي جي ترقي لاءِ مستقبل جي ضروت کي به نظر ۾ رکڻو پوندو.
صدر ??يو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو تعداد وڌڻ گهرجي ۽ حڪومت ان عمل جي حوصلا افزائي ڪندي. هن چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح تي سيٽلائيٽس جي توسيع جو حصو هجڻ گهرجي، ملڪ کي سائبر سيڪيورٽي ماهر به گهربل آهن، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جهڙن ادارن مان اميدون آهن. ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي (آءِ ايس ٽي) جي وائيس چانسلر ميجر جنرل (ر) ريحان عبدالباقي ڪا??فرنس ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو. هن ڪا??فرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي اداري جي ارادن، مقصدن ۽ ڪا??يابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن چيو ته اداره ??لا??ي تحقيق جي پروگرام سميت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صدر ڪا??فرنس جي موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ماهرن طرفان لڳايل اسٽالن جو به معائنو ڪيو.