اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي تيز رفتاري سان گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعليم يافته عورتن جي انگ ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت عورتن ج?? تعليم سا?? گڏوگڏ انهن کي هنرمند بڻائڻ تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن انهن جي مالي شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ ل??نگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج چترال جي پرنسپل ڪيري شوفيلڊ جي قيادت ۾ شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته مل کي وڌ کان وڌ تعليم يافته عورتن جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ پن??نجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي ڪامياب جوان پروگرام ذريعي آسان شرطن ۽ ضابطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري انهن کي مالياتي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن اهي پن??نجو ڪاروبار قائم ڪري سگهن. صدر تعليم جي ميدا?? ۾ ????نگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو جنهن ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ ڪيترائ?? تعليمي ماهر ۽ پروفيشنلز پيدا ڪيا آهن. هن ڪاليج جي انتظاميا خاص طور تي ان جي پرنسپل ڪيري شوفيلڊ جي ڪوششن ۽ خدمتن کي پڻ ساراهيو جنهن چترال جي ماڻهن ک?? تعليمي معيار بلند ڪرڻ ۽ معيار?? تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو.
ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي تيز رفتاري سان گامزن ڪرڻ لاءِ تعليم يافته عورتن جي انگ ۾ اضافي جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں