اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ڪورونا جي بندشن جي ڪري عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ان چئلينج کي سراسري طور بهتر انداز ۾ منهن ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??يو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي سان دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڪورونا لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ بري طرح متاثر ٿيا آهن پر پاڪستان ماشاءَ الله سراسري طور تي بهتر رهيو آهي. وزيراعظم ناڻي واري صلاحڪار جي ترجمان مزمل اسلم جو هڪ وڊيو ڪلب به شي??ر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت بابت ڪجهه غلط تصورن کي رد ڪيو ويو. مزمل اسلم فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي ??يو ته هن سال سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 1.9 سيڪڙو، ورلڊ سيريل انڊيڪس ۾ 3.2 سيڪڙو، کاڄرو ت??ل جي قيمتن ۾ 9.6 سيڪڙو ۽ ڊيري مصنوعات جي قيمتن ۾ 2.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. مزمل اسلم ??يو ته عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي رجحان جي باوجود آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ 17 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هن سال اهو 30 بلين ڊالر تائين پ??چڻ جو امڪان آهي. هن سال ٽيڪسٽائ??ل جو روانگي واپار 22 ارب ڊالر تائين پ??چڻ جي اميد آهي.
ڪورونا سبب عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ان چئلينج کي سراسري طور بهتر انداز ۾ منهن ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ