اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) 6 سيپٽمبر پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو (اڄ) سومر ڏينهن قو??ي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. 6 سيپٽمبر قو?? جي حيثيت سان اسان جي اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي علامت آهي، ان ڏينهن دشمن جي عددي برتري جي گهمنڊ ۾ ناپاڪ ۽ ڪڌا ارادا ناڪام ٿيا، ان ڏينهن اسان گڏجي ??اڪستان جو دفاع ڪيو، هي هڪ اهڙو ڏينهن آهي جيڪو اسان جي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جي بهادري ۽ عظيم قربانين کان متاثر ٿيڻ جو ڏينهن آهي. 1965ع جي ??قابلي ۾ پاڪستان اڄ مضبوط روايتي ۽ غيرروايتي طاقت سان گڏ وڌيڪ فعال ۽ متحرڪ ملڪ بڻجي اڀريو آهي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي عوام هٿياربند فوج سان گڏ هڪ نقطي تي آهي جيڪا پنهنجي ثابت قدمي، بي لوث عقيدت ۽ حب الوطني جي جذبي جي ڪري آزمايل آهي، شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ت?? نيڪ اعمال ۽ بهادري جا نوان باب لکي انهن جي شاندار ميراث کي برقرار رکيو وڃي جڏهن ته عوام ۽ هٿياربند فوج هڪ نئين جذبي سان گڏجي ??اڪستان کي وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال بڻائڻ جي ??اءِ اڳتي وڌي. پاڪستان معيشت، دفاع ۽ عوام جي ڀلائي جي ??حاظ کان هڪ مضبوط ملڪ بڻجي. 6 سيپٽمبر اسان جي ??ومي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، هي اهو ڏينهن هو جڏهن پوري قو?? هڪ جارحيت پسند جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ اٿي بيٺي جيڪو افرادي قوت ۽ هٿيارن ۾ برتري رکندڙ هو، 6 سيپٽمبر جي جذبي کي ان جي روح موج?? زندهه ۽ مضبوط بڻائڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان پنهنجون توانايون پاڪستان کي سمورن ٻاهرئين ۽ اندروني خطرن جي خلاف مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ لڳايون. اسان جي ابن ڏاڏن جي تصور موجب هڪ ترقي پسند اسلامي فلاحي رياست جي اسان جي حقيقي سڃاڻپ کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي ??اءِ 1965ع جي جذبي جي ضرورت آهي ۽ انهي جذبي سان عزم ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان جي سلامتي کي درپيش خطرن کي ڪاميابي سان ناڪام بڻائڻ ۾ مدد ملي. هن وقت پاڪستان ماضي جي ??قابلي ۾ دنيا جي ??اءِ وڌيڪ اهم آهي، پاڪستان پنهنجي ساک امن جي حصيدار طور تي ٺاهي آهي. دنيا جي تڪرارن جي حل لاءِ پاڪستان جون قربانيون تمام گهڻيون آهن، پاڪستان خطي ۽ دنيا جي امن لاءِ مخلصاڻي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ دنيا انهن ڪوششن کي تسليم ڪري رهي آهي. پاڪستان پنهنجو پاڻ کي سمورن روايتي ۽ غيرروايتي چئلينجن جي ??اءِ تيار ڪيو آهي، انهن سڀني جي باوجود اسان تڪرارن جي ??رامن حل کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن ڏينهن اسان کي مادن وطن جي حيثيت سان پاڪستان سان محبت ۽ پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر امن سان محبت ڪرڻ جي ??عرن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
6 سيپٽمبر پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو (اڄ) سومر ڏينهن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil