اسلام آباد – 20 نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظ?? عمران خان جي صدارت ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ورڪنگ گروپس جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ پنجاب جو چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ٻنهي منصوبن تي هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ??اوي سٽي ۽ ٻيٽن تي آباد ٿيندڙ شهر ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سرسبز شهر (گرين سٽي) جي اصولن جي عين موجب هوند??، راوي ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته ??عميرات جي لاءِ 18600 ايڪڙ زمين جو سروي مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ مقامي آبادي کي بي دخل ڪرڻ يا ڪنهن ٻي جاءِ تي منتقل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، هن ٻڌايو ته ??اوي سٽي منصوبو عالمي معيار موجب رهائش سان گڏوگڏ پاڻي جي نيڪالي، زمين جي اندر پاڻي جي ذخيرن جي دستيابي ۽ حفاظت ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان خطي ۾ پيروي ڪرڻ جو نمونو ثابت ٿيندو، واضح رهي ته ??هو منصوبو قرض بدران حصيداري جي بنياد تي ??اه??و پيو وڃي جنهن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي ادارا ۽ سيڙپڪار دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڪستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ورڪنگ گروپس جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada