ڪوئيٽا – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪنهن به اداري جي ڪنهن اداري سان ڇڪتاڻ نه آهي، اسان جو ڪم حڪومت ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، بلوچستان ۾ نواز ش??يف جي اعلان ڪيل سمورن منصوبن تي ڪم جاري رکنداسين، ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، حڪومت صوبن ??و ترقياتي فنڊ 1200 ارب رپين مان وڌائي 1900 ارب ر??يا ڪري ڇڏيو، صوبي ۾ موجوده حالتون ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام بهتر آهن، ڪنهن صو??ي سان ڪنهن ناانصافي ۽ تعصب جي قطعي گنجائش نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي هر ضلعي کي گئس جي فراهمي لاءِ محمد نواز ش??يف جي ترقياتي ويزن تحت جاري اسڪيمون هلندڙ سال مڪمل ڪيو وينديون جن تي 15 ارب ر??يا لاڳت ايندي جڏهن ته ٽيوب ويلن کي سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو ٽن فيز ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي تي پڻ هلندڙ سال ڪم شروع ڪيو ويندو.
ڪنهن به اداري جي ڪنهن اداري سان ڇڪتاڻ نه آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر