گڏيل قومون-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ??ڏيل قومن ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جو شڪار ٿيڻ باوجود پاڪستان پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي قوت، عزم ۽ صلاحيت رکي ٿو، جنهن کي ڀارت طرفان مدد ۽ مالي مدد فراهم ڪئي ويندي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون گذريل ڏينهن جنرل اسيمبلي جي عالمي دهشتگردي جي خاتمي بابت قانوني ڪميٽي جي قدمن تي بحث دوران ????و ته اسان ??ذريل ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي آهي، تنهن هوندي به دهشتگردي جو خطرو شڪليون تبديل ڪندو رهندو آهي، هن انهي ڏس ۾ دهشتگردي جي نون قسمن ۽ سائبر ٽولز سميت ڪرپٽو ڪرنسي ۽ آن لائن دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي واري ڍانچي جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڀريو. پاڪستاني نمائندي سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ حل نه ٿيل تڪرارن جي حل، پرڏيهي قبضي جي خاتمي ۽ خاص ڪري ڪشمير ۽ فلسطين ۾ خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو. پنهنجي تقرير جي شروعات ۾ پاڪستاني نمائندي لبنان ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ غزه ۾ اسرائيل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي جي سخت مذمت ڪندي چ??و ته اسرائيل وچ اوڀر جي پوري خطي ۾ هڪ وسيع جنگ کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان ??ي جوابده بڻائڻ ضروري آهي. هن چ??و ته جيستائين اسان اهڙي دهشتگرد حڪومت خلاف مضبوطي سان ??م نٿا ڪريون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن کي برقرار نٿا رکون.تيستائين نتيجو ڏيندڙ حل ملڻ ڏکيو آهي. هن ان ??الهه کي اجاگر ڪندي چ??و ته پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجون جانيون قربان ??يون. هن چ??و ته پاڪستان ف??نه الخوارج ٽي ٽي پي، داعش ۽ مجيد برگيڊ جهڙن باغي گروپن ذريعي رياستي سرپرستي ۾ ٿيل سرحد پار حملن جو شڪار آهي. پاڪستان وٽ پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي قوت، عزم ۽ صلاحيت آهي جنهن کي اسان جي پاڙيسري ملڪ جي طرفان فعال طور تي مدد ۽ حوصلا ??فز??ئي ۽ مالي مدد فراهم ڪئي ويندي آهي، عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اها ان ??الهه کي يقيني بڻائي ته دهشتگردي جي روڪٿام وارين ڪوششن کي انساني حقن ۽ عالمي انساني قانونن جي خلاف ورزي لاءِ غلط استعمال نه ڪيو وڃي. جهڙوڪ اسرائيل فلسطين ۽ ڀارت ڄمون ڪشمير ۾ ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چ??و ته پاڪستان اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي ان موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ته عالمي دهشتگردي تي اتفاق راءِ تي ٻڌل جامع ڪنوينشن (سي سي آءِ ٽي) کي دهشتگردي جي ڪاررواين ۽ پرڏيهي قبضي ۾ خود اراديت واري حق ۽ قومي آزادي لاءِ ماڻهن جي جائز جدوجهد وچ ۾ واضح طور تي فرق ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته دهشتگردي جي ڪا به تعريف ناهي، هڪ جامع ڪنوينشن ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي نئين ۽ اڀرندڙ شڪلن کي شامل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سفيد فام بالادستي، انتهائي ساڄي ڌر جي انتهاپسندن، پرتشدد قوم پرستن، زينوفوبڪ (پرڏيهين کان نفرت)، اسلامو فوبڪ ۽ مسلمانن مخالف گروهن جون پرُ تشدد ڪارروايون جهڙوڪ هندو پرست گروپس ۽ دنيا جي مختلف ۽ پابندين جي نظام ۾ تبديلين جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي ڀارتي نمائندي جواب ڏيندي دعويٰ ڪئي ته ڄمون ڪشمير ڀارت جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ پاڪستان تي دهشتگردي جو الزام لڳايو. پاڪستاني نمائندي جواد اجمل پنهنجي ڀارتي هم منصب جي الزامن کي رد ڪندي مطالبو ڪ??و ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي پاسداري ڪري جيڪي ڪشميري عوام کي پنهنجي خود اراديت واري حق جي استعمال لاءِ فراهم ڪن ٿيون. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي فرسٽ سيڪريٽري جواد اجمل چ??و ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ڀارت جيڪو پاڻ ڄمون ڪشمير جي والاريل علائقن ۾ انتهائي وحشياڻي رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي ۽ عالمي سطح تي دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، ٻين تي ان طرح جا ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي پر هي عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي ڪندڙن ۾ عام آهي جيڪي پنهنجي پاڙيسرين خلاف کلي عام جارحيت ڪندا آهن. غير قانوني طور تي زمين تي قبضو ڪرڻ جي نوآبادياتي آبادڪاري جي پاليسين تي عمل ڪندا آهن ۽ آزادي جي جائز جدوجهد کي دهشتگردي جو نالو ڏيندا آهن. هن چ??و ته ڀارت مني لانڊرنگ نيٽ ورڪس ذريعي دهشتگردي جي مالي مدد ۽ پاڪستان خلاف پراڪسي وار ۾ سرگرم آهي. پاڪستان جي اقتصادي واپاري رستن کي نقصان پهچائڻ ۽ تباهه ڪرڻ خاص طور تي دهشتگرد گروهن طرفان طئي ٿيل ۽ منظم حملن ذريعي چين پاڪستان اقتصادي راهداري کي نشانو بڻائڻ جون ڀارتي ڪوششون هڪ کليل راز آهي. هن ان ??الهه جي نشاندهي ڪندي چ??و ته ڀارت بلوچستان ۾ به دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي، جواد اجمل چ??و ته دنيا ڊگهي عرصي کان ??ارت جي اڻوڻندڙ رويي کي نظرانداز ڪيو آهي جيڪو نفرت ۽ تشدد کان متاثر آهي ۽ نظرياتي طور تي حوصلا ??فز??ئي ڪندڙ ان جي حڪومت جي هندو پرست گروپ جو ثبوت آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي دهشتگرد فرنچائيز پرڏيهي ملڪ رهندڙ پنهنجي مخالفن خلاف قاتلاڻي مهم جي ڪوششن جي هڪ سلسلي سان عالمي سطح تي هلائي وئي آهي جيڪا ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ بي نقاب ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڀارتي اڳواڻ کلي عام پنهنجي شهرين کي پرڏيهي ملڪ ۾ قتل ڪرڻ تي فخر ڪن ٿا.
دهشتگردي جو شڪار ٿيڻ باوجود ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي قوت، عزم ۽ صلاحيت رکون ٿا: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria