گڏيل قومون-03 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل فلسطين ??سئ??ي تي اعليٰ سطحي اجلاس 23 جنوريءَ تي ٿيندو. روسي خابرو اداري مطابق سلامتي ڪا??ونسل جي جنوريءَ ۾ صدارت ڪندڙ ملڪ فرانس جي مستقل نمائندي نيڪولس ڊي ريوير پريس ڪانفرنس دوران ٻُڌايو ته 23 جنوريءَ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ فلسطين سان گڏوگڏ خطي جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اجلاس ۾ وچ اوڀر جي ملڪن سوڌو ڪيترائي وزير شرڪت ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل کي غزه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي ۽ فسلطين ۽ اسرائيل تڪرار جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ گهرجي. فرانس جي ايلچي چيو ته اسان شهرين جي حفاظت جا پابند آهيون. غزه ۾ ترسيل 20 لک شهري جن ۾ ٻارڙا، پيرسن ۽ عور??ون شامل آهن، اهي سڀ دهشتگرد ناهن. هن چيو ته رفح ۽ ڪريم شالوم ڪراسنگ غزه کي ضروري انساني امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن. ان ??سئ??ي جي حل لاءِ قبرص کان امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سامونڊي راهدا??ي کولڻ گهرجي.
فلسطين مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جو اعليٰ سطحي اجلاس 23 جنوريءَ تي ٿيندو: فرانس جو نمائندو
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا