اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سومر ڏينهن 5 آڪٽوبر کان ڪويت جو دورو ڪندو ۽ ڪويت جي مرحوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??ڌرائي موجب دوري دوران صدر ڪويت جي نئين امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح سان مل??قا?? ڪندو ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت ۽ دلي همدردي جو پيغام پهچائيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڪويت جي مرحوم امير جي قيادت ۾ ٻطرفن ويجهن ??اڳاپن کي سگهه ملي ۽ ٻطرفو تعاون نئين بلندي تي پهتو. ڪويت جي مرحوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح پاڪستان جو هڪ مخلص ۽ آزما??ل دوست هو. هن ??نهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪيو. ٻطرفي تعاون جي ڏس ۾ سندس ڪوششن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سندس خدمتن کي دير تائين رکيو ويندو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي 5 آڪٽوبر کان ڪويت جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری