اسلام آ??اد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ڄ قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي 20 هين صدي جي عظيم اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن پنهنجي نظريي ۽ سوچ س??ن تاريخ بدلائي ڇڏي ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ بي مثال ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي، اسان جي قائد ننڍي کنڊ جي مايوس مسلمانن ۾ اميد جي نئين روح وڌي، انهن جي آئيني جدوجهد جي نتيجي ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد مسلمان رياست وج??د ۾ آئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي ??ي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته ??ڄ قائداعظم جي سالگرهه ملهائيندي اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته ??سان پنهنجي عظيم قائد جي ٻڌايل اصولن موجب ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيا آهيون.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام