اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ حرمت ۽ عظمت واري مهيني م??رم الحرام جي 10 تاريخ آهي. ان ڏينهن کي اسلامي تاريخ عاشور جي ڏهاڙي جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. هي ڏينهن اسان کي ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا نواسه رسول صه حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرمت جي لاءِ پيش ڪئي. وز??راعظم عمران خان عاشور جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي اعل??ٰ مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جو درس ڏي ٿو. استقامت حق حاصل ڪرڻ ئي اهو مشن آهي جنهن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني کان نه ڪيٻائڻ گهرجي. اهو ئي اهو عمل آهي جنهن کي حضرت امام حسين رضه جي حوالي سان تاريخ اسوه شبيري جي نالي سان منسوب ڪيو آهي جنهن ۾ اسان کي حق جي سربلندي جي لاءِ ڄم?? بيهڻ جو پيغام ملي ٿو.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب