اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ مختلف شعبن ۾ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪ??دي چيو آهي ته عورتن کي ان??رادي ۽ اجتماعي سطح تي معاشي، سياسي ۽ معاشرتي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ ترقي جي لاءِ سازگار فضا فراهم ڪرڻ جون سموريون ڪوششون جاري رکنداسين، عورتن کي ??رپ??ش مختلف چئلينجز گڏيل ڪوششن سان حل ٿيندا، هن اها ڳالهه عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم آفيس ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي جنهن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس