اسلام آ??اد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير بيريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پوري قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته نگران حڪومت ٻن مهينن جي آئيني مدي دوران وقت سر، شفاف، غيرجانبدار ۽ پرامن چونڊ?? کي يقيني بڻائيندي، آئين ۾ عام چونڊن جي لاءِ 60 ڏينهن کان وڌيڪ جي گنجائش نه آهي، نگران حڪومت آئين جي مڪمل پيروي ڪندي، بلوچستان ۾ موسم جي خرابي ۽ ڪجهه تڪن جي نئين تڪ بندين سان چونڊن ۾ دير جو ڪو ام??ان نه آهي. هو پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام سچ ته اهو آهي ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. وفاقي وزير بيريسٽر سيد علي ظفر چيو ته وزيراع??م جسٽس (ر) ناصرالملڪ نگران ڪابينا جي لاءِ منهنجي چونڊ پاڻ ڪئي ۽ مو?? کي اطلاعات، قانون ۽ انصاف ۽ پارلياماني معامل نواري وزارت جو قلمدان ڏنو آهي، مو?? کي اهو قلمبند ملڻ تي خوشي ٿي ان کان وڌيڪ خوشي منهنجي والده کي ٿي آهي ڇو ته منهنجو والد ايس ايم ظفر پڻ قانون وارو وزير رهي چڪو آهي.
قوم کي خاطري ڪرايان ٿو چونڊون آئيني مدي اندر ڪرايون وينديون: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش