اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ??رثي واري صلاحڪار عرفا?? صديقي چيو آهي ته حڪومت ميرٽ تي يقين رکي ٿي، نوجوانن ۽ باصلاحيت ماڻهن کي انهن جو حق ڏياري هن ئي جمهوري نظام تي انهن جو يقين ۽ اعتماد پڪو ڪر?? سگهجي ٿو، ڀرتين ۽ داخلائن جي لاءِ سچائي تي ٻڌل شفاف طريقيڪار سفارش ڪلچر جي نفي ۾ ٺوس ڪردار ادا ڪر?? ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ٽيسٽنگ سروس (اين ٽي ايس) هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم جي صلاحڪار عرفا?? صديقي ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران نوڪرين تي لاڳو پابندي هٽائڻ جي اعلان کانپوءِ ٽن سالن دوران اين ٽي ايس رڪارڊ انگ ۾ اميدوارن جا ٽيسٽ ورت?? ۽ ??اصلاحيت نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون مليون.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو