برسلز -05 آگسٽ (اي پي پي) بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويو. تقريب ۾ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لگزمبرگ لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ ۽ ڪشمير ڪائونسل يورپي يونين جي چيئرمين علي رضا سيد خطاب ڪيو جڏهن ته صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ اڳوڻي وفاق?? وزير مشاهد حسين سيد جا پيغام ٻڌايا ويا. يورپي يونين ، بيلجيئم ۽ لگزمبرگ ۾ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ يوم استحصال ڪشمير جي اهميت تي زور ڀريندي عالمي برادري ک??ن مطالبو ڪيو ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اخلاقي ۽ قانوني ذميوارين کي پورو ڪري. پاڪستاني سفير ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجا??ُ ڪيو. ??ن موقعي تي صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا، جن ۾ ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي اڻ ٽٽ حمايت جو ورجا??ُ ڪيو ويو. ??ن موقعي ??ي اڳوڻي وفاق?? وزير مشاهد حسين سيد جو رڪارڊ ڪيل پيغام به ٻڌايو ويو جنهن ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري جي ذميوارين کي اجاگر ڪيو ويو.
برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ يوم استحصال ڪشمير جي تقريب منعقد
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔