غزه -15 نومبر (اي پي پي) حماس غزه جي سڀ کان وڏي اسپتال الشفا تي اسرائيلي فوج جي حملي لاءِ اسرائيل ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن کي مڪمل طور ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. برطانيا جي خ??برو اداري جي رپورٽ مطابق حماس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ??ه آمريڪي ڳجهن ادارن جي ان بيان جنهن ۾ اسرائيل جي ان ڪوڙي دعويٰ جي حمايت ڪئي هئي ته الشف?? ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ عسڪريت پسند موجود آهن، اسرائيلي فوج کي اسپتال تي حملي جو گرين سگنل ڏنو ۽ هن پنهنجي ڪارروائي دوران اسپتال ۾ موجود عملي، ڊاڪٽرن، مريضن، زخمين ۽ عام ماڻهن جو قتل عام ڪيو. برطانوي خ??برو اداري مطابق انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ڪيترن ادارن اسرائيل جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته حماس پنهنجي مزاحمتي ڪارروائين ۾ اسپتال کي استعمال ڪري رهيو آهي. ان کان پهرين وائيٽ هائوس اڱاري تي چيو هو ته سندس ڳجهي معلومات مطابق حماس غزه جي سڀ کان وڏي اسپتال الشف?? ميڊيڪل ڪامپليڪس کي پنهنجي ڪارروائين ۽ امڪاني طور هٿ??ار?? جي ذخيري لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي جيڪو جنگي ڏوهه جي زمري ۾ اچي هو. اسرائيل جي فوج جي دعويٰ آهي ته حماس جا عڪسريت پسندن الشفا اسپتال هيٺان پنهنجو هيڊ ڪوارٽر قائم ڪيو آهي. غزه جي حڪمران پارٽي حماس الشفا سپتال ۾ ويڙهاڪن جي موجودگي کان انڪار ڪيو آهي ۽ چيو آهي، ته 650 مريض ۽ 5 هزار کان 7 هزار ٻيا شهري اسپتال اندر اسرائيل جي سنائپرز ۽ ڊرونز جي لاڳيتي فائرنگ سبب ڦاٿل آهن. حماس مطابق ويجهن ڏينهن ۾ 40 مريض فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ 3 وقت کان اڳ پيدا ٿيل ٻار پڻ شامل آهن. انهن ٻارن کي جن کي انڪيوبيٽرز ۾ رکيو ويو هو هو بند ٿيڻ سبب فوت ٿيا. بيروت ۾ حماس جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته اسرائيل جي فوجي ڪارروائيون جي نتيجي ۾ غزه جي 35 اسپتالن مان 25 استعمال جي لائق ناهن رهيا.
حماس اسرائيل ۽ آمريڪي صدر کي الشفا اسپتال تي حملي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات