رياض-02 آڪٽوبر (اي پ?? پي) سعودي عرب سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سعودي عرب جي م??ڊي?? رپورٽن مطابق سعودي پرڏيهي وزارت قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سوئيڊن حڪومت طرفان انتهاپسندن کي قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. سعودي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۾ ان قسم جي وا??عن سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن. سعودي پرڏيهي وزارت سوئيڊن جي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اها اشتعال، نفرت ۽ ڪاوڙ پيدا ڪندڙ ان قسم جي وا??عن جي فوري طور روڪٿام ڪندي انتهاپسندن کي اجازت ناما جاري ن?? ڪري.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ