اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي اط??ينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ”اڏار پاڪستان“ جهڙي منصوبي جي شرو??ات ڪئي آهي، اهو منصوب?? پاڪستان کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.1 سيڪڙو تي اچڻ خوش آئنده آهي، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي پر اها رڳو شرو??ات آهي. هن چيو ته اسان ”اڏار پاڪستان“ جهڙي منصوبي جي شرو??ات ڪئي، اهو منصوب?? پاڪستان کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. هن چيو ته 24 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو، ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.1 سيڪڙو تي اچي وئي، پاڪستان جي اسٽاڪ ما??ڪي?? دنيا جي ٻي بهترين ما??ڪي?? بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي. هن چيو ته عوام جي مشڪلاتن جو احساس هو، عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، انشاءَ الله عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.
وزيراعظم پاران مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش