اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پا??ام?? ليڪس ڪيس ۾ درخواست گذارن طر??ان وزيراعظم محمد نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ، شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ، مني لانڊرنگ سميت 7 الزام رد ڪري ڇڏي?? آهن، اهڙن خيالن جو اظهار ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب ايم اين اي دانيال عزيز سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواهشن جي سمورين درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف ۽ اسان جي پارٽي سرخرو ٿي، اڄ جمعي ڏينهن شڪراني جا نفل ادا ڪنداسين، پاڪستان ۽ وزيراعظم جي ڪاميابين لاءِ دعائون گهريون وينديون.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر