اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن مملڪتي وزير ماروي ميمڻ کي هائوس آف ڪامنز جي اس??يڪر جان برڪائو پاران اس??يڪرز ڊيموڪريسي ايوارڊ ڏنو ويو آهي. اس??يڪرز ڊيموڪريسي ايوارڊ هڪ ع??لمي ايوارڊ آهي جيڪو هڪ اهڙي شخصيت کي ڏنو وڃي ٿو جيڪا پنهنجي قيادت ۽ ذاتي همت ۽ حوصلي ذريعي جمهوري معاشري جي ترقي ۾ بهترين ڪردار ادا ڪندڙ هجي. هي ايوارڊ اهڙي شخصيتن جي خدمتن کي ساراهي ٿو جيڪي وسيع معنيٰ ۾ جمهوري ترقي جي لاءِ انساني حقن، آزادي راءِ، قانون جي حڪمراني، شفافيت ۽ ڪرپشن جي خلاف قدمن سم??ت ملڪي مفاد بابت ڪنهن به رخ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندا هجن.
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais