فيصل آ??اد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ کي توانائي ۽ معاشي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم نه کڻڻ تي گذ??يل حڪومتن جو احتساب ٿجڻ گهرجي جنهن سبب قوم اونداهي ۾ ٻڏل رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيصل آباد ۾ ستاره ڪيميڪلز انڊسٽريز لميٽيڊ پاران 40 ميگاواٽ جي 3 ارب رپين جي لاڳت سان هنيل ڪول بجلي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ميان محمد ادريس جو والد غريبن جي خيرخوا??ه هو، هن ڪيترائي فلاحي ادارا قائم ڪيا، فيڊريشن آف چيمبرز ۽ ڪامرس جي لاءِ ميان ادريس جا قدم ساراهه جوڳا آهن، ڪيترائي سال اڳ لڳندڙ ستاره ڪيميڪلز جو ٻوٽو وڌي اڄ وڏو وڻ ٿي چڪو آهي، دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي سندس مقدر آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش