ڪلر ??يد??ن– 04 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته هو امريڪا يا ڪنهن ٻئي کي نه پاڪستان جي عوام ۽ پارليامينٽ کي ج??اب ڏيڻوآهي، عوام س??اڻپ ڪارڊ جي تصديق ۾ سهڪار ڪري، پهرين مرحلي ۾ اڍائي ڪروڙ ڪٽنبن جي سربراهن کي تصديق لاءِ پيغام ويندو ته سندن فيملي ٽري ۾ ڪو ٻيو شخص ته شامل ناهي ڪلر ??يد??ن ۾ تعلقي ميونسپل ڪميٽي ج?? نون چونڊيل ميمبرن جي اعزاز ۾ آجياڻي ج?? موقعي تي سڌ سماءَ جي ذريعن جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته نان اشو کي ميگا اشو بڻائڻ تي افسوس ٿيندو آهي. پارلياماني حڪومتي نظام ۾ وزيراعظم جي جاءِ ڪو نه ٿو والاري سگهي، وزيراعظم اڳ ۾ به ٻاهر ويو، ڇا ان سان آئيني يا قانوني خال پيدا ٿيو آهي ؟ پارلياماني نظام ۾ قائد ايوان ئي وزيراعظم هوندو آهي ۽ ان جي غير موجودگي ۾ ڪابينه پنهنجو ڪم ڪندي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار